پاڪستان ۽ برطانيه پاران غير قانوني اميگريشن، جعلي اسٽوڊنٽ ويزائن ۽ منشيات جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري سان برطانيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير اسٽيفن ڊاٽي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ - برطانيه لاڳاپن، سيڪيورٽي معاملن ۽ گڏيل مفادن جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ غير قانوني اميگريشن، جعلي اسٽوڊنٽ ويزائن ذريعي برطانيه وڃڻ جي رجحان …

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري سان برطانيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير اسٽيفن ڊاٽي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ – برطانيه لاڳاپن، سيڪيورٽي معاملن ۽ گڏيل مفادن جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ غير قانوني اميگريشن، جعلي اسٽوڊنٽ ويزائن ذريعي برطانيه وڃڻ جي رجحان جي روڪٿام، دهشتگردي ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ اثرائتي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ملڪن غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام لاءِ جلد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي سيڪيورٽي ۽ اميگريشن بابت قائم ٿيل گڏيل ورڪنگ گروپ جي 90 ڏينهن جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي عمل جو پڻ جائزو ورتو ويو. وفاقي گهرو وزير ڳالهائيندي چيو ته جعلي اسٽوڊنٽ ويزائن ذريعي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي رجحان جي خاتمي لاءِ سخت جاچ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) وقت سر ڪارروائي ڪندي برطانيه ڏانهن اسمگل ٿيندڙ 55 ميٽرڪ ٽن منشيات ضبط ڪئي جيڪا منشيات جي روڪٿام لاءِ پاڪستان جي سنجيدگي جو ثبوت آهي. ملاقات دوران وچ اوڀر جي مجموعي صورتحال ۽ افغانستان سان سرحدي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ وچ اوڀر ۾ امن لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. برطانوي مملڪتي وزير اسٽيفن ڊاٽي پاڪستان ۾ آن لائن فراڊ ۽ سائبر ڪرائمز ۾ ملوث منظم ڌرين خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سخت ڪارروائي جي واکاڻ ڪئي ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، قونصلر سيڪيورٽي الاسڊئير گرانٽ ۽ برطانوي وفد جي سيڪريٽري ميٿيو ميڪ ماهون پڻ موجود هئا.

مزید خبریں