راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ بحريه عربي سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي جا 2 ڪامياب آپريشنز ڪندي عالمي مارڪيٽ ۾ اٽڪل 96 ملين آمريڪي ڊالر ماليت جي منشيات جي وڏي کيپ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس يرموڪ ملڪي سامونڊي ڪناري کان پري عربي سمنڊ جي کُليل سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي جا 2 آپريشنز ڪيا. …
پاڪ بحريه جي کُليل سمنڊ ۾ وڏي ڪارروائي، اربين روپيه ماليت جي وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ، ٻن ٻيڙين کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو

مزید خبریں
راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ بحريه عربي سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي جا 2 ڪامياب آپريشنز ڪندي عالمي مارڪيٽ ۾ اٽڪل 96 ملين آمريڪي ڊالر ماليت جي منشيات جي وڏي کيپ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس يرموڪ ملڪي سامونڊي ڪناري کان پري عربي سمنڊ جي کُليل سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي جا 2 آپريشنز ڪيا. ڪارروائين دوران شڪي چر پر تي ٻن ٻيڙين کي روڪيو ويو ۽ انهن جي تلاشي ورتي وئي. تلاشي دوران ٻيڙين جي ڳجهن خانن ۾ مهارت سان لِڪايل 850 ڪلوگرام آئيس ۽ 2 هزار ڪلوگرام چرس هٿ ڪئي وئي. پڪتل مجموعي منشيات جي ماليت عالمي سطح تي اٽڪل 96 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. ضبط ڪيل منشيات ۽ ٻيڙين کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ تلفي لاءِ لاڳاپيل عملدارن حوالي ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته کُليل سمنڊ ۾ اهي ڪامياب آپريشنز پاڪ بحريه جي سامونڊي حدن ۾ وقت سر چوڪس، مسلسل موجودگي ۽ خطي جي سامونڊي تحفظ سان گڏوگڏ غير قانوني اسمگلنگ جي روڪٿام جي پختي عزم جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهن.










