موجوده حالتن ۾ ملڪ ڪنهن به سياسي مهم جوئي جي سَٽ سهي نه ٿو سگهي، وطن کي هن وقت سياسي ٽڪراءُ نه پر قومي اتحاد جي ضرورت آهي: عبدالعليم خان

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ ملڪ ڪنهن به سياسي مهم جوئي جي سَٽ سهي نه ٿو سگهي، قومي سلامتي ۽ ملڪي امن کي سياسي مفادن جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين، وطن کي هن وقت سياسي ٽڪراءُ نه پر قومي اتحاد جي ضرورت آهي. اربع ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾، عبدالعليم خان چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ …

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ ملڪ ڪنهن به سياسي مهم جوئي جي سَٽ سهي نه ٿو سگهي، قومي سلامتي ۽ ملڪي امن کي سياسي مفادن جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين، وطن کي هن وقت سياسي ٽڪراءُ نه پر قومي اتحاد جي ضرورت آهي. اربع ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾، عبدالعليم خان چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، ملڪي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي، ملڪ ۾ جمهوريت جو تحفظ صرف حڪومت جي ذميواري نه پر مخالف ڌر جي به آهي. هن چيو ته ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي مخالف ڌر جو غير ذميواراڻو رويو سمجھه کان ٻاهر آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺي آهي. شهيدن جون قربانيون مطالبو ڪن ٿيون ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي ترجيح ڏني وڃي. پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪي دفاع لاءِ مسلسل قربانيون ڏئي رهيون آهن. اندروني ۽ ٻاهرين خطرن جي مقابلي لاءِ قومي اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي، ملڪ جنگ جي حالت ۾ آهي، مخالف ڌر کي سياسي پختگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جوانن جون قربانيون سياسي مفادن کان مٿانهون قومي اثاثو آهن. ملڪ جي سلامتي لاءِ قربانيون ڏيندڙن سان گڏ سڄي قوم متحد بيٺل آهي. عوام باهيون ڏيڻ، ڀڃ ڊاهه جي سياست ۽ ڌرڻن کي رد ڪري ٿي.

مزید خبریں