معاشي استحڪام کان پوءِ پائيدار ترقي، واپار ۽ سيڙپڪاري حڪومت جون ترجيحون آهن: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي استحڪام، پائيدار اقتصادي ترقي، ڍانچاجاتي سڌارن، واپار ۽ سيڙپڪاري، نئين معيشت ۽ مالي سهولتن تائين پهچ حڪومت جون 6 اهم ترجيحون آهن. گذريل اڍائي سالن دوران، پاڪستان معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. پاڪستان مائڪرو فنانس نيٽ ورڪ جي 10 هين سالياني مائڪرو فنانس ڪانفرنس کي  اربع ڏينهن ورچوئل خطاب ڪندي، ناڻي …

ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي استحڪام، پائيدار اقتصادي ترقي، ڍانچاجاتي سڌارن، واپار ۽ سيڙپڪاري، نئين معيشت ۽ مالي سهولتن تائين پهچ حڪومت جون 6 اهم ترجيحون آهن. گذريل اڍائي سالن دوران، پاڪستان معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. پاڪستان مائڪرو فنانس نيٽ ورڪ جي 10 هين سالياني مائڪرو فنانس ڪانفرنس کي  اربع ڏينهن ورچوئل خطاب ڪندي، ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي ٻٽي خسارو جيڪو بلند ترين سطح تي جي ڊي پي جي اٽڪل  12.5 سيڪڙو تائين پهچي چڪو هو، گذريل مالي سال جي پڄاڻي تي گهٽجي 2.6 سيڪڙو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 21.4 ارب ڊالرن جي تاريخي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن، جيڪي اٽڪل ٽن مهينن جي روانگي واپار لاءِ ڪافي آهي. اپريل 2025ع کان پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ ٽي ڀيرا بهتري آئي آهي جڏهن ته 3 ارب ڊالرن جي يورو بانڊ جي ڪامياب جاري ڪرڻ ذريعي پاڪستان عالمي سيڙپڪاري مارڪيٽ ۾ ٻيهر واپس آيو آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته يورو بانڊز جي جاري ڪرڻ ۾ ايشيا، وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا جي سيڙپڪارن جي ڀرپور شرڪت پاڪستان تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي آهي. هن چيو ته معاشي استحڪام کي مستقل بنيادن تي مضبوط بڻائڻ پائيدار اقتصادي سرگرمي ۽ عروج ۽ زوال جي معاشي چڪرن مان نڪرڻ لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ کپت تي ٻڌل اقتصادي توسيع بدران پائيدار ذميواراڻي اقتصادي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. پاڪستان جي معيشت ٽي سال اڳ ٻاڙائي جو شڪار هئي، گذريل مالي سال ۾ 3.7 سيڪڙو وڌي جڏهن ته  هلندڙ مالي سال ۾ 4 سيڪڙو جي شرح کان وڌيڪ اقتصادي ترقي متوقع آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن، نجڪاري ۽ عوامي ماليات جي شعبن ۾ ڍانچاجاتي سڌارا حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. حڪومت اقتصادي سرگرمين ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ٻه وڏا ملڪي سيڙپڪار گروپس جي اٽڪل 1.2 ارب ڊالرن جي گڏيل واڪ نجي شعبي جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. ڊسڪوز جي نجڪاري ۾ به عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي وڌي رهي آهي ۽ ترڪيه جي 03 ڪمپنين پهرين پيش ڪيل ڊسڪو ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان امداد تي ڀاڙڻ کان واپار ۽ سيڙپڪاري طرف منتقل ٿي رهيو آهي. ٻطرفن حصيدارن جي مسلسل مدد واکاڻ جوڳي آهي پر مضبوط واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا وڌيڪ اهم آهن. هن چيو ته مصنوعي ذهانت، بلاڪ چين ۽ ويب ٿري سميت نئين معيشت لاءِ پاڪستان کي پاڻ کي بهتر طور تي تيار ڪرڻو پوندو. پاڪستاني فري لانسرز گذريل مالي سال دوران آءِ ٽي خدمتن جي روانگي واپار مان 1.6 ارب ڊالر ڪمايا. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته عوام ۽ مالي سهولتن تائين محدود پهچ رکندڙ ڪميونٽيز لاءِ مالي وسيلن تائين پهچ وڌائڻ جي ضرورت آهي. سستي رهائش لاءِ پهريون ڀيرو گهر خريد ڪندڙن کي اٽڪل 76 ارب روپيا فراهم ڪيا ويا آهن جڏهن ته بئنڪاري نظام 400 ارب روپين کان وڌيڪ جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ننڍن آبادگارن لاءِ ڊجيٽل ۽ بنا ضمانت مالي مدد جي اسڪيم تحت گذريل 7 کان 8 مهينن ۾ اٽڪل 6 ارب روپيا منظور ۽ 2 ارب روپين کان وڌيڪ جاري ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ايس ايم ايز، زراعت ۽ سستي رهائش لاءِ مالي مدد وڌائڻ لاءِ ڪمرشل بئنڪن ۽ مائيڪرو فنانس شعبي وچ ۾ مضبوط تعاون ضروري آهي. مالي پهچ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي ۽ پاڪستان مائيڪرو فنانس نيٽ ورڪ مالي نظام کان محروم طبقن تائين پهچ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن مائيڪرو فنانس ادارن تي زور ڀريو ته هو ڊجيٽل قرضن جي نظام کي مضبوط بڻائين، صارفين جي تجربي کي بهتر ڪن ۽ موثر ڪريڊٽ اسڪورنگ ماڊلز تيار ڪن. قرضن جي فراهمي ۾ متبادل ڊيٽا ۽ ڊجيٽل ڪريڊٽ نظام جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قرض ڏيڻ جا فيصلا صرف ضمانت جي بنياد تي نه پر قرض واپس ڪرڻ جي صلاحيت، موسمي عملن ۽ صلاحيت کي نظر ۾ رکندي ڪرڻ گهرجن. مائيڪرو فنانس شعبي کي قرضن جي ڳاڻيٽي بدران ان جي حقيقي معاشي ۽سماجي نتيجن تي به خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. ننڍن قرض وٺندڙن وچ ۾ ۽ وڏن ڪاروبارن ۾ ترقي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عورتن جي معاشي شموليت کي به ڪاميابي جي پئمانن تي شامل ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته مائيڪرو فنانس شعبي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سڄي پاڪستان ۾ عوام، ڪاروباري ادارن ۽ ڪميونٽيز تائين مالي پهچ وڌائڻ لاءِ ڪانفرنس ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه اهميت واري آهي.

مزید خبریں