اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 3100 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 34 هزار 436 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 34 هزار 4 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2658 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3100 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 3100 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 34 هزار 436 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 34 هزار 4 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2658 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 75 هزار 116 رپين مان گهٽجي 3 لک 72 هزار 458 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 43 هزار 868 رپين مان گهٽجي 3 لک 41 هزار 432 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو چانديءَ جي قيمت 100 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6488 رپيا ۽ 10 گرام چانڊيءَ جي قيمت 86 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5562 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4150 ڊالرز مان گهٽجي 4119 ڊالرز ٿي وئي.











