ايم ٽي آنر 25 جي پاڪستاني عملي جا باقي ٽي ميمبر عديس ابابا کان ڪراچي لاءِ روانا ٿي رهيا آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته صوماليا جي ساحل جي ويجهو هاءِ جيڪ ٿيندڙ ايم ٽي آنر 25 جي پاڪستاني عملي جا باقي ٽي ميمبر به اڄ عديس ابابا کان باحفاظت ڪراچي واپس روانا ٿي رهيا آهن. اربع تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس" تي پنهنجي پوسٽ ۾، نائب وزيراعظم چيو ته ايم ٽي آنر 25 …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته صوماليا جي ساحل جي ويجهو هاءِ جيڪ ٿيندڙ ايم ٽي آنر 25 جي پاڪستاني عملي جا باقي ٽي ميمبر به اڄ عديس ابابا کان باحفاظت ڪراچي واپس روانا ٿي رهيا آهن. اربع تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس” تي پنهنجي پوسٽ ۾، نائب وزيراعظم چيو ته ايم ٽي آنر 25 جي پاڪستاني عملي جا باقي ٽي ميمبر عمران علي، حسين يوسف ۽ محمد ياسين، اڄ عديس ابابا کان باحفاظت ڪراچي واپسي لاءِ روانا ٿي رهيا آهن ۽ اهي پنهنجي گهرڀاتين سان ٻيهر ملندا. هن چيو ته عديس ابابا ۾ پاڪستان جي سفير ٽنهي ميمبرن سان ملاقات ڪئي ۽ عديس ابابا ۾ رهڻ دوران انهن کي سڀني ضروري سهولتن ۽ خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي. اسحاق ڊار چيو ته پرڏيهي آفيس ۽ پاڪستان جي حڪومت، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني عملي جي سڀني ميمبرن باحفاظت مُلڪ واپسي يقيني بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هن انهن ڪوششن ۾ تعاون ڪندڙ سڀني ماڻهن جا ٿورا ادا ڪيا. نائب وزيراعظم چيو ته جيتوڻيڪ اسان پنهنجي ماڻهن جي حفاظت سان واپسي تي خوش آهيون پر پاڪستاني عملي جي ٽن ميمبرن جي فوت ٿيڻ تي اسان کي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ انهن جي مغفرت فرمائي ۽ انهن جي خاندانن کي صبر ۽ حوصلو ڏي. هن چيو ته پاڪستان سامونڊي ڌاڙيلن جي خلاف ڪارروائي ۽ سامُونڊي عملي ۽ سامونڊي رستن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي ڀائيوارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي عزم تي قائم آهي.

مزید خبریں