اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف خيبر پختونخواهه جي عوام جي قربانين …
وزيراعظم سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقات، خيبر پختونخواهه ۾ وڌندڙ دهشتگردي کي هر قيمت تي روڪڻو پوندو: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف خيبر پختونخواهه جي عوام جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسُون ٿا. خيبر پختونخواهه ۾ وڌندڙ دهشتگردي کي هر قيمت تي روڪڻو پوندو. اسان جي خواهش آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ به ملڪ جي ٻين حصن وانگر ترقي ٿئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ جاري معاملن ۽ اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ترقي ۽ اتي جي عوام جي خوشحالي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.










