وزيراعظم پاران ريلوي جي مين لائن ون (ايم ايل-ون) جي اپ گريڊيشن  تي تيزي سان ڪم ڪرڻ ۽ پاڪستان ريلوي ۾ ڪارپوريٽ طرز تي سڌارن جي هدايت

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي جي مين لائن ون (ايم ايل-ون) جي اپ گريڊيشن  تي تيزي سان ڪم ڪرڻ ۽ پاڪستان ريلوي ۾ ڪارپوريٽ طرز تي سڌارن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي جي ترقي، مسافرن کي بهتر سفري سهولتن جي فراهمي ۽ مال برداري ۾ واڌ لاءِ مين لائن ون جي جدت اهميت رکي ٿي، ريلوي جي اربين رپين جي …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي جي مين لائن ون (ايم ايل-ون) جي اپ گريڊيشن  تي تيزي سان ڪم ڪرڻ ۽ پاڪستان ريلوي ۾ ڪارپوريٽ طرز تي سڌارن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي جي ترقي، مسافرن کي بهتر سفري سهولتن جي فراهمي ۽ مال برداري ۾ واڌ لاءِ مين لائن ون جي جدت اهميت رکي ٿي، ريلوي جي اربين رپين جي ماليت جي نشاندهي ڪيل زمين کي استعمال ڪندي ڪمرشل بنيادن تي ايم ايل-ون جي تعمير عمل ۾ آندي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ريلوي ۾ سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم پاڪستان ريلوي جي قبضي هيٺ زمينن جي نشاندهي ۽ انهن کي خالي ڪرائڻ جي لاءِ نيب چيئرمين جي سربراهي ۾ نيب ۽ ريلوي واري وزارت جي ٽيمن جي ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ريلوي جي ملڪيتن ۾ موجُود حقيقي واپاري صلاحيت کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، ريلوي جي قيمتي زمين کي ڪمرشل مقصدن لاءِ موثر انداز ۾ استعمال ڪري ملڪي معيشت ۽ ريلوي جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي. هن چيو ته ريلوي کي مضبُوط ۽ معاشي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ ڪارپوريٽ طرز تي سڌارا حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن، ريلوي کي منافعي بخش بڻائڻ ۽ ان جي آپريشن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ريلوي وارو وزير ڀرپُور محنت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم ريلوي جي زمين تي مختلف ڪمرشل منصوبن ذريعي بينڪن جي فنڊنگ حاصل ڪري ايم ايل ون جي تعمير جي لاءِ ڪتب آڻڻ جي منظوري ڏني. وزيراعظم ريلوي جي زمين جي حقيقي ڪمرشل صلاحيت کي سامهُون رکندي ايندڙ ٻن هفتن ۾ هڪ جامع منصوبو پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 1726 ڪلوميٽر ڊگهي ايم ايل-ون جي اپ گريڊيشن کي چئن وڏن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ ڪراچي-روهڙي، روهڙي-ملتان، ملتان-لاهور ۽ لاهور-پشاور سيڪشن شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي-روهڙي سيڪشن جي اپ گريڊيشن لاءِ عالمي فنانسنگ مان لاڀ پرايو پيو وڃي، جڏهن ته ايم ايل ون جي ٻين حصن لاءِ مقامي وسيلن مان فنڊنگ جو منصوبو بڻايو پيو وڃي. اجلاس کي ايم ايل-ون منصوبي، جي تعمير جي مختلف مرحلن ڪراچي-روهڙي سيڪشن تي اڳڀرائي ۽ ريلوي جي جي ملڪيتي زمين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ريلوي جي خالي ڪرايل زمين کي ڪمرشل بنيادن تي استعمال ڪرڻ ۽ ايم ايل-ون جي تعمير لاءِ بينڪن کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي حوالي سان جامع لائحه عمل ٻن هفتن ۾ پيش ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، حنيف عباسي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد بٽ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں