صدر پارانخيبر پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف موثر ۽ فيصلائتين ڪاررواين ذريعي قوم جي عزم ۽ حوصلي جي عڪاسي ڪئي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران اربع تي جاري ڪيل بيان موجب، صدر اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن دوران …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف موثر ۽ فيصلائتين ڪاررواين ذريعي قوم جي عزم ۽ حوصلي جي عڪاسي ڪئي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران اربع تي جاري ڪيل بيان موجب، صدر اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن دوران 13 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ مستونگ ۾ فتنه الھندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي ۾ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پُڻ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف موثر ۽ فيصلائتين ڪاررواين ذريعي قوم جي عزم ۽ حوصلي جي عڪاسي ڪئي. اهي ڪارروايُون دهشتگرد عنصرن خلاف پختي عزم جو واضح اظهار آهن. صدر چيو ته دهشتگردن جي غير مُلڪي سرپرستن ۽ انهن جي مقامي سهولتڪارن جي سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو.

مزید خبریں