اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۾ فتنہ الخوارج جي 13 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ فتنہ الخوارج جي ٺڪاڻن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۾ فتنہ الخوارج جي 13 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ فتنہ الخوارج جي ٺڪاڻن کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن قائم ٿيڻ تائين فتنہ الخوارج خلاف ڪارروايُون جاري رهنديُون. وزيراعظم چيو ته عزم استحڪام تحت دهشتگردي خلاف موثر ڪارروايُون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ رياست جي اڻٿڪ ۽ پختي عزم جون عڪاس آهن. مُلڪ جي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي انهن جي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.









