اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست کي قومي معيشت ۽ پاڪستان جي عالمي ساک جي لاءِ انتهائي نقصانڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته ڌرڻن جي سياست سان معيشت کي نقصان پهچائڻ ملڪ دشمني آهي، پي ٽي آءِ هوش کان ڪم وٺي ۽ احتجاجي سياست سان ملڪي معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ادراڪ ڪندي لانگ مارچ ختم ڪري، حڪومت عوام …
ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست قومي معيشت ۽ پاڪستان جي عالمي ساک جي لاءِ انتهائي نقصانڪار ۽ معيشت کي نقصان پهچائڻ ملڪ دشمني آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست کي قومي معيشت ۽ پاڪستان جي عالمي ساک جي لاءِ انتهائي نقصانڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته ڌرڻن جي سياست سان معيشت کي نقصان پهچائڻ ملڪ دشمني آهي، پي ٽي آءِ هوش کان ڪم وٺي ۽ احتجاجي سياست سان ملڪي معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ادراڪ ڪندي لانگ مارچ ختم ڪري، حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل ڪميٽي بامعنى ۽ پرخلوص ڳالهه ٻولهه سان مسئلن جو گڏجي ويهي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن هتي ڪشمير چوڪ انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت ملڪ جي ترقي ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، اسان اڍائي سالن جي محنت سان ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، ملڪي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي. هڪ طرف ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري آهي ۽ ٻئي طرف بدقسمتي سان هڪ ڀيرو ٻيهر لانگ مارچ، ڌرڻي ۽ احتجاج جي ڀيانڪ سياست نمودار ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان گڏيل مشاورت سان طئي ڪيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت سان بامعنى، بامقصد ۽ خلوص تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ڪريون ته جيئن لانگ مارچ، ڌرڻي ۽ احتجاج جي سياست جو خاتمو ڪريون ۽ گڏجي ويهي مسئلن جو حل ڳوليون، حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل ڪميٽي ٻن ڏينهن تائين اسپيڪر چيمبر ۾ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، اميد هئي ته ڳالهه ٻولهه جا مثبت نتيجا نڪرندا ۽ ڌرڻن جي سياست ڳالهين سان ختم ٿيندي، ٻنهي پارٽين سنجيدگي سان پي ٽي آءِ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته ٻئي طرف طئي ٿيل مسودي کي بار بار تبديل ڪيو ويو جنهن سان انهن جو مقصد واضح هو ته ڳالهه ٻولهه کي ڪامياب ٿيڻ ناهي ڏيڻو. وزيراعظم واضح طور تي چيو ته ڌرڻي ۽ احتجاج جي سياست سان ملڪي معيشت نشانو بڻجندي، روانگي واپار، صنعتي پيداوار متاثر ٿيندي جيڪو ملڪ ۽ قوم جو نقصان هوندو. وزيراعظم چيو ته اسان اڍائي سالن ۾ گڏيل ڪوششن سان ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام تمام گهڻي مشڪل سان حاصل ٿيو، ڇا ترقي جي ڦيٿي کي ٻيهر جام ڪرڻ ملڪ دشمني نه آهي؟ ڇا ان سان پاڪستان جي عالمي ساک کي نقصان پهچائڻ مقصود آهي، هن چيو ته سيپٽمبر ۾ گذريل سال سيپٽمبر ۽ پوري سال جي مقابلي ۾ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو، مٽاسٽا جو ناڻو وڌيو، ملڪي پيداوار ۾ اضافو ٿيو، ان کي احتجاج ۽ ڌرڻن سان نقصان پهچائڻ ملڪ دشمني اهي. وزيراعظم واضح ڪيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، اسان جي معيشت ۾ بهتري جو اعتراف غير به ڪري رهيا هئا. هن چيو ته پي ٽي آءِ هوش کان ڪم وٺي، هو احتجاج ۽ لانگ مارچ جي اثرن تي غور ڪري ته ان سان قوم کي فائدو ٿيندو يا نقصان پهچندو. هن پي ٽي آءِ کي چيو ته اها احتجاج ۽ ڌرڻي سان ملڪ کي پهچندڙ نقصان جو ادراڪ ڪندي لانگ مارچ ختم ڪري. حڪومت ڳالهه ٻولهه ڪري مسئلن جو حل ڪڍندي. هن چيو ته هر پاڪستاني جي اها ئي خواهش آهي ته امانت ۽ ديانت سان ملڪ ترقي جي رستي تي گامزن ٿئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي جو ذڪر ڪندي چيو ته اڄ ڪشمير چوڪ انڊر پاس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي، گهرو وزير ان جي تڪميل هڪ مهيني ۾ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي جنهن تي گهرو وزير ۽ ان جي ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته ڪشمير چوڪ ڪشمير جي نالي سان منسوب آهي، اهو ئي رستو هڪ ڏينهن سرينگر تائين پهچندو، ڪشميرين کي آزادي ۽ بنيادي حق ملندا. هن چيو ته اهڙن ترقياتي منصوبن جو مقصد عوام کي سفري سهولتون پهچائڻ هوندو آهي، ويڪرن رستن ۽ بنا رڪاوٽ سفري سهولتن سان وقت جي بچت ۽ منزل تي وقت سر پهچڻ ۾ مدد ملي ٿي، ان سان ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي جو سفر تيز ٿئي ٿو. وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪانفرنس کان اڳ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد کي هڪ جديد، مختلف ۽ مثالي خوبصورت شهر ۾ تبديل ڪرڻ جو ويزن ڏنو آهي. ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ ۾ هڪ سال کان به گهٽ وقت رهجي ويو آهي، تنهن ڪري سمورن ترقياتي منصوبن کي ڏينهن رات ڪم ڪري مقرر مدي جي اندر تڪميل تي پهچايو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان ايندڙ غيرملڪي معزز مهمانن کي بهترين سهولتون فراهم ڪري سگهجن ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ٿئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته وزيراعظم خصوصي ٽاسڪ ڏنو آهي ته ڪشمير چوڪ انڊر پاس سميت اهم ٽريفڪ ۽ انفراسٽر منصوبا ايس سي او ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کان اڳ هر صورت ۾ مڪمل ڪيا وڃن. ان نئين انڊر پاس ۽ ايڪسپريس وي جي سروس لينز جي تڪميل سان راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي جاڙن شهرن جي مسافرن کي روزاني جي چرپر ۾ نمايان سهولت ملندي ۽ ٻنهي شهرن جي وچ م سفر جو وقت گهٽ ٿي رڳو 16 کان 18 منٽ رهجي ويندو. محسن نقوي گادي واري شهر جي ماحول ۽ سياحت جي حوالي سان اهم اعلان ڪندي چيو ته اسلام آباد جي ايف نائن پارڪ کي عالمي معيار جي جديد تفريحي مرڪز ۾ آندو پيو وڃي. ان کانسواءِ گادي واري شهر ۾ ايشيا جو سڀ کان وڏو سفاري پارڪ ٺاهڻ جي پڻ منصوبابندي ڪئي وئي آهي، جيڪو ماحولياتي ۽ تفريحي شعبي ۾ هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ واضح ڪيو ته ماحولياتي تحفظ ۽ شهر کي سرسبز ۽ صاف سٿرو رکڻ جي حڪومتي پاليسي تحت 31 ڊسمبر تائين اسلام آباد کي مڪمل طور تي پلاسٽڪ فري سٽي ٺاهڻ جي هدف تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. ان کانسواءِ هڪ ٻئي منصوبي اسلام آباد کي ڪيش ليس ڪرڻ آهي. انهن ٻنهي منصوبن جي نگراني گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشمير چوڪ انڊر پاس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، اهو منصوبو 1 ارب 45 ڪروڙ جي لاڳت سان هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿيندو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ڪشمير چوڪ انڊر پاس منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي. منصوبي تحت هتي ٽن ڦاڪن وارو انڊر پاس تعمير ٿيندو. ان منصوبي جي تڪميل سان فيض آباد، بهاره ڪهور، مري، آزاد ڪشمير جي ٽريفڪ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهندي.











