اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻاهرئين سرپرستي ۽ مقامي سهولتڪارن پاران جاري دهشتگردي جي خلاف پاڪستاني عوام ۽ سيڪيورٽي ادارا فولادي ديوار وانگر بيٺل آهن. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊيره اسماعيل خان ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ ٽريفڪ اهلڪار ۽ …
صدر آصف علي زرداري پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻاهرئين سرپرستي ۽ مقامي سهولتڪارن پاران جاري دهشتگردي جي خلاف پاڪستاني عوام ۽ سيڪيورٽي ادارا فولادي ديوار وانگر بيٺل آهن. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊيره اسماعيل خان ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ ٽريفڪ اهلڪار ۽ ڪسٽمز اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ٻاهرئين سرپرستي ۽ مقامي سهولتڪارن پاران جاري دهشتگردي جي خلاف پاڪستاني عوام ۽ سيڪيورٽي ادارا فولادي ديوار وانگر بيٺل آهن، پاڪستاني عوام ان جدوجهد کي منطقي انجام تائين پهچائيندي. هن شهيد اهلڪارن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دهشتگردي جي واقعن ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪار جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.











