وزيراعظم پاران سردي جي مُند لاءِ گئس لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان جامع لائحه عمل جوڙڻ ۽ اڳواٽ قدمن جي هدايت

اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گئس لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان جامع لائحه عمل جوڙڻ ۽ اڳواٽ قدمن جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته گئس لوڊ مئنيجمينٽ حڪمت عملي تي عملدرآمد جي حوالي سان ڀرپُور عوامي آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي، موجوده علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ گئس جي بنا رڪاوٽ درآمد جي حوالي سان سمُورا ضروري قدم کنيا وڃن. اڱاري ڏينهن وزيراعظم …

اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گئس لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان جامع لائحه عمل جوڙڻ ۽ اڳواٽ قدمن جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته گئس لوڊ مئنيجمينٽ حڪمت عملي تي عملدرآمد جي حوالي سان ڀرپُور عوامي آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي، موجوده علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ گئس جي بنا رڪاوٽ درآمد جي حوالي سان سمُورا ضروري قدم کنيا وڃن. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سياري جي مُند ۾ گئس لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم گيس جي لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان جامع لائحه عمل جوڙڻ ۽ اڳواٽ قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته گئس لوڊ مئنيجمينٽ جي حڪمت عملي تي عملدرآمد جي حوالي سان ڀرپُور عوامي آگاهي مهم هلائي وڃي. موجوده علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ گئس جي بنا رنڊڪ درآمد جي حوالي سان سمُورا ضروري قدم کنيا وڃن. اجلاس کي گئس لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان اڳواٽ قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته مقامي گئس جي فراهمي جي حوالي سان گهريلو صارفين ترجيح هُوندا، بجلي جي پيداوار ۽ صنعتن جي لاءِ آر ايل اين جي ترجيح هُوندي. ها، گهريلو سطح تي مقامي گئس جي جاءِ تي متبادل توانائي جي ذريعن کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان عوامي آگاهي مهم شروع ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي اترين علائقن ۾ گئس جي ذخيرن ۾ موجُود گيس جي ذخيرن مان مان بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پُڻ قدم کنيا پيا وڃن. واٽر اينڊ اسپيس هيٽنگ جي لاءِ بجلي تي هلندڙ اوزارن جي حوالي سان بينڪ فنانسنگ جي سهولت متعارف ڪرائڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي. اجلاس ۾ قومي خوراڪ جي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ آمدني واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، صنعتن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.