وزيراعظم پاران ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد جي تازن واقعن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد جي تازن واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چئن ڪسٽم ۽ هڪ ٽرئفڪ اهلڪار جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جا تازا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. وزيراعظم دهشتگردن جي فائرنگ ۾ …

اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد جي تازن واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چئن ڪسٽم ۽ هڪ ٽرئفڪ اهلڪار جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جا تازا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. وزيراعظم دهشتگردن جي فائرنگ ۾ چئن ڪسٽم اهلڪارن ۽ هڪ ٽرئفڪ اهلڪار جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گھڙي ۾ اسان سوڳوار خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگرد عنصرن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون ڀرپُور انداز ۾ جاري رهنديون.