اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سان هتي ملاقات ڪئي جنهن ۾ فلسطين، ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان، سميت علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ گهڻ طرفي نظام جي مستقبل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پرڏيهي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سان هتي ملاقات ڪئي جنهن ۾ فلسطين، ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان، سميت علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ گهڻ طرفي نظام جي مستقبل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڄمون ۽ ڪشمير ۽ سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مُوجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي مطالبي کي ورجايو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي اجاگر ڪيو، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اسلام آباد ڳالهين ۾ پاڪستان جي سهولتڪاري به شامل آهي. هن تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي سڀ کان وڌيڪ موثر ذريعو قرار ڏيندي ان حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ورجايو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل عالمي اداري جي لاءِ پاڪستان جي ڊگهين خدمتن سان گڏوگڏ ڳالهين، ثالثي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي فروغ لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو.











