اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن جي روايتي دوستي ۽ سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي واضح علامت آهي. صداتي سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي چين جي …
صدر آصف علي زرداري پاران چين جي قومي ڏينهن تي صدر شي جن پنگ جي نالي مبارڪباد وارو پيغام، پاڪ چين دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن جي روايتي دوستي ۽ سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي واضح علامت آهي. صداتي سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري خط ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته سي پيڪ جو اعلى معيار جي ترقي تي ٻڌل ٻيو مرحلو پاڪستان ۽ چين جي لاءِ مصنوعي ذهانت، قابل تجديد توانائي ۽ گرين مائننگ سميت گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ نوان موقعا پيش ڪري ٿو. صدر چيو ته گذريل 77 سالن دوران چين جي ترقي نه رڳو چيني عوام پر سڄي دنيا جي ماڻهن جي لاءِ پڻ نمايان اقتصادي ۽ سماجي ثمر رکندڙ رهي آهي. هن ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۾ چين جي ڪاميابي، جامع ترقي ۽ نئين معياري پيداواري قوتن تي ڌيان جڏهن ته عالمي معاملن ۾ چين جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين هن سال سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي “مضبوط دوستي” وقت جي هر آزمائش تي پورو لهندي ثابت ڪيو آهي ته اهي لاڳاپا اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد ۽ بنيادي مفادن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي مسلسل حمايت سان وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏي ٿو ۽ صدر شي جن پنگ سان گڏجي ٻنهي ملڪن جي منفرد ۽ خصوصي دوستي کي اڳتي وڌائڻ، عملي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل رکندڙ ويجهي چين – پاڪستان ڪميونٽي جي جوڙجڪ کي تيز ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي، علائقائي امن ۽ استحڪام ۽ وڌيڪ پرامن، منصفاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل علائقائي ۽ عالمي نظام جي فروغ ۾ مدد ملندي.









