اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت بزرگ شهرين جي احترام کي لفظن کان وڌي ڪري پاليسي سازي، اداراجاتي سڌارن ۽ موثر عملي قدمن ۾ آڻڻ جي لاءِ پُرعزم آهي، صوبائي حڪومتون، سول سوسائٽي جون تنظيمون ۽ نجي شعبو فلاحي معاشرو جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي وفاقي حڪومت جي ڪوششن کي موثر بڻائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪن. وزيراعظم آفيس جي …
حڪومت بزرگ شهرين جي احترام کي لفظن کان وڌي ڪري پاليسي سازي، اداراجاتي سڌارن ۽ موثر عملي قدمن ۾ آڻڻ جي لاءِ پُرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو بزرگن جي عالمي ڏينهن تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت بزرگ شهرين جي احترام کي لفظن کان وڌي ڪري پاليسي سازي، اداراجاتي سڌارن ۽ موثر عملي قدمن ۾ آڻڻ جي لاءِ پُرعزم آهي، صوبائي حڪومتون، سول سوسائٽي جون تنظيمون ۽ نجي شعبو فلاحي معاشرو جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي وفاقي حڪومت جي ڪوششن کي موثر بڻائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بزرگن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بزرگن جي عالمي ڏينهن تي آئون پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي بزرگ شهرين جي لاءِ احترام جي جذبي جو اظهار ڪريان ٿو، بزرگ شهرين جي سڄي زندگي جي خدمتن جو اسان جي قومي زندگي جي سماجي، معاشي ۽ اخلاقي تشخص جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار آهي، اسان جا بزرگ انفرادي ۽ اجتماعي دانش، تجربي ۽ اعلى قدر جا امين آهن جن نسلن جي تربيت ۽ رهنمائي ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت بزرگ شهرين جي احترام کي لفظن کان وڌي ڪري پاليسي سازي، اداراجاتي سڌارن ۽ موثر عملي قدمن ۾ آڻڻ جي لاءِ پُرعزم آهي، انهي ڏس ۾ حڪومت بزرگ شهرين جي سماجي ۽ معاشي تحفظ کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن، حڪومت بزرگ ملازمن کي پينشن جي ادائيگي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل تصديقي عمل کي نظام جو حصو بڻايو آهي جنهن تحت بزرگ ملازمن کي لائيف سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ آفيسن ۾ شخصي تصديق جي تڪليف کڻڻ بدران گهر ويٺي ڊيجيٽل تصديقي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وڌيڪ قدمن ۾ ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) جي دائري ۾ توسيع ۽ بزرگ مستحقين جي لاءِ خصوصي مالي مدد شامل آهي جيڪا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڏني پئي وڃي، حڪومت اهڙن فلاحي منصوبن جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ڪو به بزرگ شهري بنيادي سماجي تحفظ جي نظام کان محروم نه رهي، اهي قدم يقيني طور تي بزرگ شهرين جي احترام ۽ سهولت پهچائڻ جي حڪومتي ترجيح جي عڪاسي ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته وڏي عمر جي ماڻهن جي سهولت جي نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ حڪومت عالمي حڪمت عملي تي پڻ ڀرپور انداز ۾ عمل پيرا ٿيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ميڊرڊ انٽرنيشنل پلان آف ايڪشن آن ايجنگ (ايم آءِ پي اي اي) تي عملدرآمد سرفهرست آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت قومي عزم ۽ ترجيحن موجب ٺوس پاليسي فريم ورڪ ۽ مسلسل اداراجاتي سڌارن تحت بزرگ شهرين جي حقن، ڀلائي جي عملي قدمن تي عملدرآمد جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهي آهي، بزرگ شهرين جي لاءِ صحت جي سهولتن تائين پهچ حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي، صوبائي حڪومتن جي تعاون سان سرڪاري صحت جي نظام ۾ بزرگن جي لاءِ خصوصي طبي نگهداشت جي سهولتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ بزرگ شهرين جي لاءِ هيلٿ انشورنس ڪوريج کي سگهه ڏيڻ تي اڳڀرائي جاري آهي. وزيراعظم چيو ته آئون ان موقعي تي صوبائي حڪومتن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ نجي شعبي جي فلاحي معاشري جوڙڻ ۾ اهم ڪردار کي پڻ اجاگر ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ انهن لاڳاپيل ڌرين کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي وفاقي حڪومت جي ڪوششن کي موثر بڻائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪن، بزرگ شهرين جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي سان گڏوگڏ همدرديءَ، احساس ذميواري سان ليس قومي معاشري جي تعمير گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته خاص طور تي نوجوانن کي اپيل ڪريان ٿو ته پنهنجي بزرگن جي عزت ۽ احترام ۽ نگهداشت جو خصوصي اهتمام ڪن، اها ئي اسان جي ديني تعليم ۽ ثقافتي تهذيب جي گهرج آهي، اچو پنهنجي نسلن جي وچ ۾ رشتن ۽ گڏيل احترام کي وڌيڪ مضبوط بڻايون ۽ اهڙي سماجي مستقبل جي تعمير ڪريون جنهن ۾ سموري عمر جي شهرين جي ڀلائي، وقار ۽ تحفظ يقيني هجي.









