اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نائجيريا سان پاڪستان جي پرجوش ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جا موجوده رابطا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ گهرا ۽ وسيع تر ٿيندا. هن اها ڳالهه نائجيريا جي آزادي جي ڏهاڙي تي وفاقي جمهوريه نائجيريا جي صدر بولا احمد تينوبو جي …
پاڪستان نائجيريا سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري جو نائجيريا جي آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي هم منصب جي نالي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نائجيريا سان پاڪستان جي پرجوش ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جا موجوده رابطا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ گهرا ۽ وسيع تر ٿيندا. هن اها ڳالهه نائجيريا جي آزادي جي ڏهاڙي تي وفاقي جمهوريه نائجيريا جي صدر بولا احمد تينوبو جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان نائجيريا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ويجهو تعاون ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفادن جي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. صدر وفا قي جمهوريه نائجيريا ۾ مسلسل امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.









