ضلعي صحت کاتي حيدرآباد پاران ريبيز ۽ ڪُتن جي چڪ کان بچاءَ بابت عوامي آگاهي لاءِ مختلف سرگرمين جو بندوبست

حيدرآباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي ريبيز جي روڪٿام واري ڏينهن 2026ع جي موقعي تي ضلعي صحت کاتي حيدرآباد پاران ريبيز ۽ ڪُتن جي چڪ کان بچاءَ بابت عوامي آگاهي لاءِ مختلف سرگرمين جو بندوبست ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي صحت آفيسر حيدرآباد ڊاڪٽر پير غلام حسين چيو ته ريبيز هڪ خطرناڪ ۽ جان ليوا بيماري آهي، تنهن هوندي به وقت سر احتياط، ويڪسينيشن، طبي امداد ۽ عوامي …

حيدرآباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي ريبيز جي روڪٿام واري ڏينهن 2026ع جي موقعي تي ضلعي صحت کاتي حيدرآباد پاران ريبيز ۽ ڪُتن جي چڪ کان بچاءَ بابت عوامي آگاهي لاءِ مختلف سرگرمين جو بندوبست ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي صحت آفيسر حيدرآباد ڊاڪٽر پير غلام حسين چيو ته ريبيز هڪ خطرناڪ ۽ جان ليوا بيماري آهي، تنهن هوندي به وقت سر احتياط، ويڪسينيشن، طبي امداد ۽ عوامي آگاهي ذريعي هن بيماري کان بچاءُ ممڪن آهي. هن شهرين تي زور ڀريو ته آوارا يا اڻڄاتل ڪتن جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ ٻارن کي به اهڙن ڪتن کان پري رکن. ڪُتي جي چڪ واري واقعي جي اطلاع لاڳاپيل صحت مرڪز يا مقامي اختيارين کي ڏني وڃي، جيئن ضروري طبي ۽ انتظامي قدم بروقت کنيا وڃن. صحت کاتي واضح ڪيو ته ڪتي جي چڪ کي معمولي نه سمجهيو وڃي ۽ علاج ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ڪئي وڃي. وقت سر زخم ڌوئڻ، طبي معائنو ۽ ڊاڪٽر جي هدايت مطابق ويڪسينيشن ريبيز کان بچاءَ لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا. ان موقعي تي ڊاڪٽر اعجاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر ڄام محمد، ڊاڪٽر تنوير احمد لغاري، ڊاڪٽر سيف الله، ڊاڪٽر همايون چانگ، ڊاڪٽر ابرار قيوم، ڊاڪٽر محمد ميمڻ، ڊاڪٽر سعيد احمد، ڊاڪٽر خالد بروهي ۽ عظميٰ فاطمه سميت صحت کاتي جي آفيسرن، ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي شرڪت ڪئي. عالمي ريبيز جي روڪٿام واري ڏينهن جي موقعي تي ضلعي صحت کاتي حيدرآباد پاران ريبيز کان بچاءَ ۽ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ آگاهي واڪ پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صحت کاتي جي آفيسرن، ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ريبيز کان بچاءَ، بروقت ويڪسينيشن ۽ ڪتي جي چڪ جي صورت ۾ فوري طبي امداد بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪئي. اي پي پي/ م – ن / س – و / ج – پ 15:10

مزید خبریں