مدينه منوره-28 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين،انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل ۽ ڪوآرڊينيٽر قومي پيغام امن ڪميٽي حڪومت پاڪستان حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته عملي دهشتگردي کان وڌيڪ فڪري دهشتگردي خطرناڪ آهي ۽ ان جي ازالي لاءِ عالمن، مشائخن، يونيورسٽين، مدرسن، مذهبي قوتن ۽ حڪومتن کي گڏيل طور تي هنگامي بنيادن تي موثر قدم کڻڻا پوندا. جامعه اسلاميه مدينه منوره ۾ …
فڪري دهشتگردي عملي دهشتگردي کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، اسلام ۽ جهاد جي نالي تي نوجوانن کي گمراهه ڪندڙ قوتن جو بنا ڪنهن خوف ۽ مصلحت جي فڪري طور تي مقابلو ڪرڻو پوندو: طاهر اشرفي

مزید خبریں
مدينه منوره-28 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين،انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل ۽ ڪوآرڊينيٽر قومي پيغام امن ڪميٽي حڪومت پاڪستان حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته عملي دهشتگردي کان وڌيڪ فڪري دهشتگردي خطرناڪ آهي ۽ ان جي ازالي لاءِ عالمن، مشائخن، يونيورسٽين، مدرسن، مذهبي قوتن ۽ حڪومتن کي گڏيل طور تي هنگامي بنيادن تي موثر قدم کڻڻا پوندا. جامعه اسلاميه مدينه منوره ۾ رٿيل عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مسلمان نوجوانن کي اسلام ۽ جهاد جي نالي تي گمراهه ڪندڙ ڌرين مسلم دنيا کي وڏو نقصان پهچايو آهي. نوجوان نسل کي ان گمراهه ڪندڙ فڪر کان محفوظ رکڻ ضروي ۽ انتها پسند ۽ دهشتگرد گروهن جي نظرين، مقصدن ۽ طرز عمل کي عملي ۽ فڪري انداز ۾ بي نقاب ڪيو وڃي. حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو ته اسان گذريل پنجيتاليهه سالن کان جنگ جي حالت ۾ آهيون ۽ 1990ع کان وٺي اڄ تائين هڪ لک پاڪستاني دهشتگردي جو نشانو بڻجي چڪا آهن. اسان کي انهن سڀني قوتن جو رستو روڪڻو پوندو جيڪي مذهب، اسلام ۽ جهاد جي نالي تي نوجوانن کي گمراهه ڪن ٿيون، توڙي جو اهي طالبان، القاعده، داعش يا حوثي جي نالي سان ڇو نه هجن. انهن جي فڪرن کي بنا ڪنهن خوف، دٻاءُ، مصلحت جي ماڻهن، خاص ڪري نوجوان نسل آڏو رکڻو پوندو. هن چيو ته اسلام امن، اعتدال، انصاف ۽ انساني وقار جو مذهب آهي. دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ بيگناهه ماڻهن جي قتل جو اسلامي تعليمات سان ڪو به تعلق ناهي. فڪري انڪار جو مقابلو نه رڳو سيڪيورٽي قدمن ذريعي پر تعليم، علم، ڳالهه ٻولهه، عالمن جي رهنمائي ۽ صحيح اسلامي فڪر کي هٿي وٺرائڻ سان به ڪرڻُو پوندو. حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو ته حوثين ۽ سعودي عرب وچ ۾ معاملو نه شيعا سني جو تڪرار آهي ۽ نه ئي ٻن ملڪن جو گڏيل معاملو، سندس چوڻ موجب حوثي هڪ دهشتگرد تنظيم آهي جيڪا يمن ۾ بيگناهه انسانن کي قتل ڪري ٿي. هن چيو ته جهڙي طرح فلسطيني عوام جو قتل عام ناقابل قبول آهي، اهڙي طرح يمن ۾ بيگناهه انسانن جو رت وهاڻ به مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته حوثي اسلام ۽ فلسطين جو نالو وٺن ٿا پر اسرائيلي جهازن کي رستو ڏين ٿا ۽ سعودي عرب جي جهازن کي نشانو بڻائين ٿا. هن چيو ته اهڙي رويي جو اسلام، اسلامي اخلاقيات ۽ فلسطيني عوام جي حقيقي حمايت سان ڪو به تعلق ناهي. حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو ته حرمين شريفين جي ڌرتي مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي حرمت، سلامتي ۽ امن پوري مسلم امت لاءِ مٿانهون آهي. اسلامي دنيا جي عالمن، مفتين ۽ شيخن جو واضح ۽ متفقه موقف آهي ته حرمين شريفين جي سلامتي تي حملو پوري مسلم امت لاءِ ناقابل قبول آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۽ يمن جي حڪومتن کي پنهنجي ماڻهن، پنهنجي زمين ۽ امن ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻن جو حق حاصل آهي، حرمين شريفين جي امن، استحڪام ۽ دفاع لاءِ اسان مملڪت سعودي عرب سان گڏ بيٺل آهيون.










