فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آمريڪي افغانستان وار ڪميشن جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن سميت خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون

راولپنڊي- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آمريڪي افغانستان وار ڪميشن جي هڪ اعليٰ سطحي وفد جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي ڪميشن جي شريڪ سربراهه شميله اين چوڌري ۽ ڊاڪٽر ڪولن ايف جيڪسن ڪري رهيا هئا. آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي وفد افغانستان ۾ آمريڪا جي 20 سالن واري عملي شموليت …

راولپنڊي- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آمريڪي افغانستان وار ڪميشن جي هڪ اعليٰ سطحي وفد جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي ڪميشن جي شريڪ سربراهه شميله اين چوڌري ۽ ڊاڪٽر ڪولن ايف جيڪسن ڪري رهيا هئا. آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي وفد افغانستان ۾ آمريڪا جي 20 سالن واري عملي شموليت ۽ سرگرمين جو جائزو وٺي رهيو آهي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن جي اهم معاملن، خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال، افغانستان جي هاڻوڪي اڳڀرائي ۽ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن ۾ ڪميشن جي مينڊيٽ بابت مختلف رخن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تڪرارن کي جنم ڏيندڙ سيڪيورٽي سببن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو ۽ ڊگهي افغان جنگ دوران پاڪستان کي درپيش سنگين چئلينجز جو احاطو ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تڪرارن جي اسٽريٽجڪ، سفارتي ۽ عسڪري رخن جي حقيقت پسنداڻي جائزي لاءِ علائقائي موقف ۽ پاڪستان جي زميني تجربن کي شامل ڪرڻ ضروري آهي. آمريڪي وفد ڊگهي افغان جنگ دوران پاڪستان جي اهم ڪردار ۽ ڏنل لازوال قربانين جو اعتراف ڪيو ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو.

مزید خبریں