سانگهڙ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي تاريخي ماڳ برهمڻ آباد ۾ سنڌ جي آثار قديمه ۽ نوادرات کاتي ۽ اٽلي جي آثار قديمه مشن جي سهڪار سان ٻيهر کوٽائي ۽ تحقيق جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ماڳ تي باقاعده کوٽائي 2027ع جي شروعات ۾ شروع ڪئي ويندي. آثار قديمه کاتي جي کوٽائي ٽيم جي سربراهه زاهده قادري ۽ اٽلي مشن جي ڊاڪٽر اليساندرو تليا ”اي …
تاريخي ماڳ برهمڻ آباد کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائڻ تي ڪم شروع ٿي ويو، ٻيهر کوٽائي جي شروعات 2027ع ۾ ٿيندي

مزید خبریں
سانگهڙ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي تاريخي ماڳ برهمڻ آباد ۾ سنڌ جي آثار قديمه ۽ نوادرات کاتي ۽ اٽلي جي آثار قديمه مشن جي سهڪار سان ٻيهر کوٽائي ۽ تحقيق جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ماڳ تي باقاعده کوٽائي 2027ع جي شروعات ۾ شروع ڪئي ويندي. آثار قديمه کاتي جي کوٽائي ٽيم جي سربراهه زاهده قادري ۽ اٽلي مشن جي ڊاڪٽر اليساندرو تليا ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته برهمڻ آباد ۾ ڊگهي مدي واري آثار قديمه واري منصوبي تحت قديم شهر جي تاريخ، مختلف تهذيبي دورن، آبادي جي جوڙجڪ ۽ آثارن جي مختلف تهن جو سائنسي بنيادن تي مطالعو ڪيو ويندو. منصوبو آءِ ايس ايم اي او جي پروفيسر ڊاڪٽر لوڪا ماريا اوليويري جي نگراني ۾ اڳتي وڌايو پيو وڃي. ڊاڪٽر اليساندرو تليا چيو ته منصوره نه رڳو سنڌ پر سڄي خطي جو اهم تاريخي ۽ آثار قديمه وارو ماڳ آهي، تنهن ڪري هتي تحقيق ۽ کوٽائي کي ڊگهي مدي واري منصوبي طور جاري رکڻ ضروري آهي. هن چيو ته مقصد صرف قديم آثار ڳولڻ نه، پر قديم شهر جي مختلف دورن، شهري ڍانچي ۽ تهذيبي تسلسل کي سائنسي طريقي سان سمجهڻ ۽ محفوظ ڪرڻ آهي. هن چيو ته منصوره جي تحفظ لاءِ مقامي انتظاميا ۽ علائقي واسين جو سهڪار بنيادي اهميت رکي ٿو. ماڳ جي چوڌاري روڊن جي تعمير، زرعي سرگرمين، قبضا ۽ چوپائي مال جي اچ وڃ سبب قديم آثارن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. جيڪڏهن تاريخي ماڳ کي نقصان پهچڻ جو سلسلو جاري رهيو ته عالمي ماهرن ۽ تحقيقاتي مشنز لاءِ ڊگهي مدي وارو ڪم جاري رکڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽر تليا مقامي انتظاميا ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته آثار قديمه جي تحفظ کي گڏيل ذميواري سمجهي ماڳ اندر ۽ چوڌاري اهڙين سرگرمين کان پاسو ڪيو وڃي، جن سان قديم آثارن کي نقصان پهچي. زاهده قادري ٻڌايو ته اطالوي آثار قديمه مشن اٽڪل 15 سالن کان ڀنڀور ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي پنهنجي تحقيقاتي منصوبي کي منصوره تائين وڌايو پيو وڃي. منصوره ۾ شروعاتي سروي ۽ نقشي سازي دوران ماڳ جي مختلف حصن ۾ زرعي سرگرمين، روڊن ۽ ٻين انساني سرگرمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ماڳ جي مڪمل نقشي سازي ۽ آثارن جي تهه در تهه مطالعي ذريعي اهو معلوم ڪيو ويندو ته مختلف دورن ۾ هتي ڪهڙي نوعيت جون آباديون قائم رهيون ۽ قديم شهر جي هيٺ موجود آثار ڪهڙي دور سان تعلق رکن ٿا. زاهده قادري ڀنڀور جو مثال ڏيندي چيو ته ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان اتي تاريخي ماڳ کي نقصان پهچائيندڙ ڪجهه سرگرمين کي روڪيو ويو، جنهن سان ماڳ جي تحفظ ۽ وڌيڪ تحقيق ۾ مدد ملي. هن اميد ظاهر ڪئي ته منصوره ۾ به ضلعي انتظاميا، مقامي حڪومت، يونين ڪائونسل ۽ علائقي جا رهواسي آثار قديمه کاتي سان ڀرپور سهڪار ڪندا. اٽڪل 500 ايڪڙن تي پکڙيل برھمڻ آباد منصوره جي تاريخي ماڳ تي لڳ ڀڳ 7 ڪلوميٽر ڊگهي قديم شھر جا آثار موجود آهن. منصوره اموي ۽ عباسي دورن ۾ خطي جو اهم مرڪز رهيو، جڏهن ته ان کان اڳ به سنڌو درياهه جي ڪناري هڪ اهم بندرگاهه ۽ واپاري مرڪز طور سڃاتو ويندو هو. ماضي ۾ وفاقي آثار قديمه کاتي پاران، خاص طور 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ايف اي خان جي نگراني هيٺ ڪرايل کوٽائي دوران قديم شهر جا اهم آثار دريافت ٿيا هئا. کوٽائي دوران هٿ آيل وڏا ڊور ناڪ ڪراچي جي قومي عجائب گهر، اسلام آباد ميوزيم ۽ سنڌ آثار قديمه کاتي جي نگراني هيٺ قائم ماڳ جي عجائب گهر ۾ محفوظ آهن. زاهده قادري چيو ته برهمڻ آباد منصوره کي عالمي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته عالمي ورثي جو درجو ملڻ سان ملڪي ۽ پرڏيهي سياحن جي آمد ۾ اضافو ٿيندو. کوٽائي ٽيم ۾ ڊاڪٽر اليساندرو تليا، عابد انصاري، ڪاشف خان، ماڳ انچارج پيارو خان، ماڳ اٽينڊنٽ رياض سهتو ۽ اسسٽنٽ منظور شامل آهن.











