اسلام آباد - 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت واضح ڪري ته اين ايف سي تحت دهشتگردي جي خلاف مختص فنڊز ۽ وسيلا ڪٿي خرچ ڪيا؟ ساڍا 12 سالن کان وڌيڪ عرصو حڪومت جي باوجود صوبي ۾ سيف سٽي نظام، فرانزڪ ليب، گاڏين جي رجسٽريشن جو موثر نظام ۽ پنجاب جي طرز تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ قائم …
خيبرپختونخواهه حڪومت واضح ڪري ته اين ايف سي تحت دهشتگردي خلاف مختص فنڊز ۽ وسيلا ڪٿي خرچ ڪيا؟ پي ٽي آءِ کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو پاڪستان سان گڏ آهي يا افغانستان سان گڏ آهي: اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت واضح ڪري ته اين ايف سي تحت دهشتگردي جي خلاف مختص فنڊز ۽ وسيلا ڪٿي خرچ ڪيا؟ ساڍا 12 سالن کان وڌيڪ عرصو حڪومت جي باوجود صوبي ۾ سيف سٽي نظام، فرانزڪ ليب، گاڏين جي رجسٽريشن جو موثر نظام ۽ پنجاب جي طرز تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ قائم ڇو نه ڪيو ويو؟ پوليس کي گهربل بلٽ پروف جيڪيٽس، جديد هٿيار ۽ ٻيو سامان ڇو فراهم نه ڪيو ويو، صوبي ۾ دهشتگردي جي مسلسل واقعن جي باوجود صوبائي حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي به موثر عملدرآمد ۾ ناڪام رهي آهي، پي ٽي آءِ کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اها پاڪستان سان گڏ آهي يا افغانستان سان گڏ آهي. سومر ڏينهن گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي نيت ۽ طبيعت ٻئي خراب آهن، اهي نه دهشتگردي جي خلاف ڪاررواين جي اونرشپ وٺن ٿا، نه عملي قدم کڻن ٿا ۽ نه ئي ائين ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ، ڪالعدم ٽي ٽي پي جي “بي” ٽيم آهي، خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ گذريل ساڍا 12 سالن کان عرصي کان حڪومت ۾ آهي جيڪو ڪنهن به صوبي کي ٽرانسفارم ڪرڻ جي لاءِ تمام وڏو عرصو هوندو آهي پر ان دوران اهي ڪي پي ايل آءِ جهڙا ليور ٽرانسپلانٽ انسٽيٽيوٽ ۽ بهترين هارٽ انسٽيٽيوٽ به نه ٺاهي سگهيا. خيبرپختونخواهه جي عوام علاج جي لاءِ ٻين صوبن جو رخ ڪرڻ تي مجبور آهي ڇو ته اتان جي حڪومت انتظامي طور تي ناڪام ۽ دهشتگردن جي سهولتڪاري ۾ مصروف آهي. هن چيو ته وڏي وزير سهيل آفريدي جي منعقد هڪ تقريب ۾ ٻه افغان نمائندا پاڪستاني تراني جي احترام ۾ اٿي نه بٺيا، آئون اتي موجود هجان ها ته انهن تي پابندي هڻي انهن کي بيدخل ڪري ڇڏيان ها. اسان جي قومي تراني جي احترام ۾ ڪير اٿي نه بيهي ۽ توهان ويهي تماشو ڏسندا رهو، اهو اسان جي غيرت گوارا نه ٿي ڪري پر سهيل آفريدي کي اهو گوارا آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سهيل آفريدي کي دهشتگردن جو سهولتڪار قرار ڏنو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اي اين پي، جي يو آءِ (ف)، جي يو آءِ سميع الحق ۽ مسلم ليگ (ن) لاش کنيا ۽ رت ڏنو. دهشتگردن جي مذمت نه ڪرڻ بزدلي آهي، اهو پي ٽي آءِ جي فنانشل انٽرسٽ کي به سوٽ ڪري ٿو. هن چيو ته صوبي ۾ مائننگ، گولڊ مائننگ، ٽوبيڪو ۾ سڄو ٽيرر ڪرائيم نيڪسس آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون ۽ بنا نمبر پليٽ ۽ رجسٽريشن گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون هلي رهيون آهن، اهي ساڍا 12 سالن ۾ گاڏين کي رجسٽرڊ نه ڪري سگهيا، اها صوبي جي ذميواري هئي، ان سان صوبي جو ٽيڪس روينيو وڌي ٿو. هن چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ڪمپيوٽرائزڊ ڊيٽا بيس ٺاهيو وڃي ته دهشتگردن ۽ غيرقانوني گاڏين جو پتو لڳائي سگهجي ٿو جڏهن ته رجسٽريشن سان حاصل ٿيندڙ اربين رپيا صوبي جي ڀلائي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ تي خرچ ڪري پئي سگهجيا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس جي لاءِ بلٽ پروف گاڏيون وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب ۾ سي ٽي ڊي فورس قائم ڪئي جنهن موثر انداز ۾ ڪائونٽر ٽيررازم آپريشنز ڪيا ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته خيبرپختونخواهه حڪومت نه اهڙي فورس ٺاهي ۽ نه ئي ٺاهڻ چاهي ٿي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ شهيد ٿيندڙن جي اڪثريت عام شهرين جي آهي، پوري صوبي جي سيڪيورٽي کي سياسي مقصدن جي وَر چاڙهيو ويو آهي. هنگو، ڊي آءِ خان ۽ ڪوهاٽ ۾ لاش ڪري رهيا آهن، اتي زخمي ٿيندڙن چيو ته اسان کي صحتياب ٿيڻ ڏيو، اسان انهن دهشتگردن جو بندوبست ڪنداسين. هن چيو ته انشاءَ الله پوري قوم ۽ پاڪ فوج گڏجي انهن دهشتگردن کي نيست نابود ڪري ڇڏيندي ڇو ته انهن اسان جي ٻارن جو رت وهايو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا رڳو قيدي جي ڳالهه ڪندا ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏيندا، اهي پنهنجي صوبي جي حالت ڏسن، انهن پوليس کي دهشتگردن آڏو اڪيلو ڪري شهيد ٿيڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته هو شهيد ڪانسٽيبل فهيم الله جي گهر ويو جتي سندس والد همت ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪندي چيو ته منهنجو هڪ ئي پٽ هو جيڪو شهادت جي مرتبي تي فائز ٿيو. وفاقي وزير چيو ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جيڪڏهن فهيم الله بلٽ پروف جيڪيٽ پائي رکي هجي ها ۽ ان جي هٿ ۾ جديد مشين گن هجي ها. هن چيو ته خيبرپختونخواهه انهي مد ۾ ملندڙ پئسو پنهنجي سياسي مقصدن، ڌرڻن ۽ جلسن تي خرچ ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي پاڪستان سان گڏ آهن يا افغانستان سان گڏ آهن. وفاقي وزير پريس ڪانفرنس دوران هڪ افغان شهري جي تصوير صحافين کي ڏيکاري. هن چيو ته هي اهو افغان شهري آهي جنهن دهشتگردي جي ڪارروائي ۾ حصو ورتو ۽ ريسڪيو ٽيم تي حملو ڪيو. هن چيو ته اوپن سورس انٽيلي جنس موجب سوشل ميڊيا تي ان شخص جي تصوير ڪابل جي پشتونستان اسڪوائر جي آڏو آئي آهي. هن چيو ته صوبي ۾ رت وهي رهيو آهي، لاش ڪري رهيا آهن ۽ ماڻهن کي شهيد ڪيو پيو وڃي پر پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت کي سياست پياري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سالميت ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ جيڪو مممڪن ٿيو ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪوهاٽ ۾ افغانستان مان ڊرون آيا ۽ ڪرم ۾ فائرنگ ٿي، پر پي ٽي آءِ جي وات مان هڪ لفظ نه نڪتو. آئون ڪوهاٽ ۾ 6 ڪلاڪ رهيس، جتي ماڻهن دانهون ڏنيون ته صوبائي حڪومت ڪٿي آهي؟ ڪالهه به اهي پنهنجي سياست جي لاءِ ڊي آءِ خان ويا ۽ اتي پريس ڪانفرنس ڪري اهو پيغام ڏنو ته اسان گڏ آهيون، خدارا پنهنجي وات مان اهي لفظ ڪڍو ته دهشتگردن جو پاڪستان ۽ خيبرپختونخواهه مان خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته هي دهشتگردن جي سهولتڪاري ان لاءِ ڪن ٿا ته انهن جا سياسي ۽ مالي مفاد واڳيل آهن. لاش ڪري رهيا آهن پر انهن کي پرواهه نه آهي ڇو ته انهن کي پنهنجي سياست عزيز آهي. خيبرپختونخواهه ۾ غيرقانوني مائننگ ۽ ٺيڪن سان حاصل ٿيندڙ مال انهن کي عزيز آهي، پر پاڪستان ۽ خيبرپختونخواهه جا شهري ڀلي مارجي وڃن، ان جي انهن کي پرواهه نه آهي. جيڪڏهن انهن کي پرواهه هجي ها ته ڪوهاٽ ۾ ويهي لا اينڊ آرڊر جي گڏجاڻي ڪن ٿا ۽ پوري صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي اجلاس گهرائين ها. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ ٻارڙي ۽ نوجوان شهيد ٿيا جن ۾ اڪثريت سويلين جي هئي، صوبائي حڪومت کي اتي وڃي ويهڻ گهرجي ها. هي وسيلن جي کوٽ جو راڳ آلاپين ٿا جيتوڻيڪ اين ايف سي ايوارڊ تحت هر سال خيبرپختونخواهه حڪومت کي ڪائونٽر ٽيررازم جي لاءِ اضافي فنڊز ڏنا وڃن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ٻڌايو وڃي ڪيترا سئو ارب رپيا ڪٿي خرچ ڪيا ويا ۽ ان فنڊ سان سيف سٽي جون ڪيتريون ڪئميرائون لڳايون ويون. هن چيو ته لاهور ۾ ڪيپٽن مبين ۽ زاهد گوندل شهيد ٿيا ته دهشتگردن جا سهولتڪار سيف سٽي ڪئميرائن جي مدد سان پڪڙيا ويا. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت حساب ڏي ته ڪائونٽر ٽيررازم جا اهي پئسا ڌرڻن ۽ سياسي سرگرمين تي ڇو خرچ ڪيا ويا؟ هن چيو ته هاڻي پاڻي مٿي تان گذري ويو آهي ته جتي ٻار شهيد ٿي رهيا هجن، اتي سياسي راند کيڏي وڃي ته باني کي ڪهڙي اسپتال ۾ موڪلڻو آهي. هن چيو ته سياست جا به ڪجهه اصول هوندا آهن، بطور پاڪستاني منهنجي غيرت اجازت نه ٿي ڏي ته ڪنهن به دهشتگرد جي سهولتڪار سان نرمي سان ڳالهه ڪريان. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سهيل آفريدي انتظامي ۽ سياسي طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سهيل آفريدي ڪالهه علي امين گنڊاپور وٽ ويو جنهن بابت هو ماضيءَ ۾ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا هئا ۽ ان کي حڪومت جو ٽائوٽ قرار ڏيندا هئا. سهيل آفريدي جي سياسي ساک ايتري ڪمزور ٿي وئي آهي جو هو پنهنجي ڪارڪنن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ناڪام حڪومت جو ناڪام وڏو وزير سياست ۽ انتظامي معاملن ٻنهي ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، صوبي ۾ تباهي ۽ بربادي پکڙجي چڪي آهي، دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ صوبائي حڪومت ان جي روڪٿام ۾ ناڪام رهي آهي. ان جي ابتڙ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي دهشتگردي جي خلاف موثر قدم کنيا آهن. گذريل هڪ سال دوران سرفراز بگٽي نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪيترائي اجلاس ڪيا، پوليس کي جديد اوزار فراهم ڪيا ۽ وفاق کان آفيسر به طلب ڪيا. هن چيو ته بلوچستان حڪومت پنهنجي سول آفيسرن کي به مڪمل سيڪيورٽي اوزار ۽ وسيلا فراهم ڪيا آهن. سرفراز بگٽي دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ بهادري، اهليت ۽ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيو آهي، اهو ئي ٻنهي صوبائي حڪومتن جي طرزعمل ۾ وڏو فرق آهي. وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ جي پاليسي دهشتگردن کي واپس آڻي آباد ڪرڻ هو. نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي موثر عملدرآمد ٿيو ۽ 2017ع تائين ملڪ جي اڪثر علائقن مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويو هو جڏهن ته 2018ع ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت دهشتگردن کي واپس آڻي آباد ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي. هن الزام هنيو ته باني پي ٽي آءِ جو ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ تحريڪ طالبان افغانستان جي لاءِ سدائين نرم رويو رهيو آهي ۽ ان جي پاليسي جي نتيجي ۾ دهشتگردن کي واپس آڻي آباد ڪيو ويو جنهن جا نتيجا اڄ سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي دهشتگردن جي حوالي سان پنهنجي پاليسي جي وضاحت ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت پوليس کي پي ٽي آءِ جي سياسي ونگ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. صوبائي حڪومت پبلڪ سروس ڪميشن ختم ڪري سڌوسنئون ڀرتيون ڪرڻ چاهي ٿي. هن سوال ڪيو ته صوبائي حڪومت سڌوسنئون ڀرتي جو اختيار ڇو ٿي چاهي؟ صوبائي حڪومت ڀرتين، بدلين ۽ مقررين جا سمورا اختيار پاڻ وٽ ان جي لاءِ رکڻ چاهي ٿي ته سياسي بنيادن تي پوليس ۾ ڀرتيون ڪري سگهجن. اهڙي طرح پوليس ۾ سياسي ماڻهن کي ڀرتي ڪري دهشتگردن جي سهولتڪاري جي راهه هموار ڪري سگهجي ٿي، جيڪا شهيدن جي وارثن ۽ انهن جي قربانين سان ناانصافي ٿيندي ۽ ڪنهن به قانون تحت ان جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان الحمدالله موثر انداز ۾ جاري آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت کي ان جي ڪا پرواهه نه آهي، ان کي نه نيشنل جو پتو آهي، نه ايڪشن جو ۽ نه پلان جو.











