مسقط- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان مسقط ۾ عمان جي پورهئي واري وزارت جي انڊر سيڪريٽري خالد بن سالم الغماري سان ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سومر ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پاڪستان جي وڏي نوجوان آبادي جي اهميت کي اجاگر …
وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين جي عمان جي پورهئي واري وزارت جي انڊر سيڪريٽري سان ملاقات

مزید خبریں
مسقط- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان مسقط ۾ عمان جي پورهئي واري وزارت جي انڊر سيڪريٽري خالد بن سالم الغماري سان ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سومر ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پاڪستان جي وڏي نوجوان آبادي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ملڪ جا نوجوان هنرمندي افرادي قوت جو هڪ وسيع ذخيرو فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پرڏيهه ۾ روزگار فراهم ڪندڙ ملڪن ۾ وڌيڪ طلب وارن مهارتن جي نشاندهي ۽ نقشا سازي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته نوجوانن جي فني تربيت هر ملڪ جي ليبر مارڪيٽ جي مخصوص ضرورتن سان تيار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ان روشني ۾ عمان پاڪستاني هنرمند افرادي سگهه لاءِ هڪ اهم ملڪ منزل آهي، راڻا مشهود احمد خان اميد ظاهر ڪئي ته عمان سلطنت پاڪستان کي هنرمند افرادي قوت لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندو. عمان جي پورهئي واري وزارت جي انڊر سيڪريٽري به چيئرمين پي ايم وائي پي جي خيالن سان اتفاق ڪندي خاطري ڪرائي ته عمان جي حڪومت پاڪستان سان گڏجي افرادي سگهه ۽ هنرمندي کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستاني ورڪ فورس خاص ڪري نوجوانن لاءِ عمان ۾ روزگار جي موقعن جي فراهمي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ تعاون جاري رکندي.











