اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشين گيمز 2026ع ۾ قومي والي بال ٽيم جو فاتحاڻو سفر جاري آهي، پاڪستان جي ٽيم ازبڪستان کي 3-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. جاپان جي شهر ايچي ناگويا ۾ جاري 20هين ايشين گيمز 2026ع جي مردن جي والي بال پريليمنري رائونڊ ۾ پاڪستان شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ازبڪستان خلاف 3-0 تان شاندار ۽ هڪطرفي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ميچ جي شروعات …
ايشين گيمز 2026ع ۾ قومي والي بال ٽيم جو فاتحاڻو سفر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشين گيمز 2026ع ۾ قومي والي بال ٽيم جو فاتحاڻو سفر جاري آهي، پاڪستان جي ٽيم ازبڪستان کي 3-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. جاپان جي شهر ايچي ناگويا ۾ جاري 20هين ايشين گيمز 2026ع جي مردن جي والي بال پريليمنري رائونڊ ۾ پاڪستان شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ازبڪستان خلاف 3-0 تان شاندار ۽ هڪطرفي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ميچ جي شروعات کان ئي پاڪستان مخالف ٽيم تي پنهنجو دٻاءُ برقرار رکيو ۽ پهرين سيٽ ۾ بهتري حڪمت عملي جو مظاهرو ڪندي 25-18 تان فتح حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻئي سيٽ ۾ به اهو جارحاڻو انداز جاري رکندي پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر 25-18 تان فتح حاصل ڪري ميچ ۾ پنهنجي گرفت مضبوط ڪري ورتي. ٽئين ۽ فيصلائتي سيٽ ۾ ازبڪستان طرفان ڪجهه مذاهمت ڏسڻ ۾ آئي جڏهن ته قومي رانديگرن شاندار ڪوآرڊينيشن ۽ سروسز جي آڌار تي اهو سيٽ به 25-20 تان پنهنجي نالي ڪري ميچ ۾ ڪلين سويپ مڪمل ڪري ورتو. ان فتح ۾ پاڪستان جي رانديگرن عثمان شاني، گجر حماد ارشاد ۽ مراد وزير انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ترين ڪردار ادا ڪيو.











