اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته ڄاڻ تائين پهچ شفاف، جوابده ۽ باخبر معاشري جو بنياد آهي، تصديق ٿيل ۽ وقت سر ڄاڻ تائين پهچ هر شهري جو بنيادي جمهوري حق آهي، پاڪستان جو آئين شهرين کي عوامي اهميت جي سمورن معاملن ۾ ڄاڻ تائين پهچ جو حق ڏئي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن ڄاڻ تائين پهچ جي …
ڄاڻ تائين پهچ شفاف، جوابده ۽ باخبر معاشري جو بنياد آهي، تصديق ٿيل ۽ وقت سر ڄاڻ تائين پهچ هر شهري جو بنيادي جمهوري حق آهي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته ڄاڻ تائين پهچ شفاف، جوابده ۽ باخبر معاشري جو بنياد آهي، تصديق ٿيل ۽ وقت سر ڄاڻ تائين پهچ هر شهري جو بنيادي جمهوري حق آهي، پاڪستان جو آئين شهرين کي عوامي اهميت جي سمورن معاملن ۾ ڄاڻ تائين پهچ جو حق ڏئي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن ڄاڻ تائين پهچ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته شفاف طرز حڪمراني ۽ عوامي اعتماد کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڄاڻ تائين وقت سر پهچ ضروري آهي. پارليامان قانونسازي ۽ اثرائتي نگراني ذريعي ڄاڻ تائين پهچ جي حق جي تحفظ لاءِ پرعزم آهيون. درست ڄاڻ باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ ادارن کي جوابده بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ڄاڻ تائين پهچ کي اڳ کان وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪوڙي، گمراهه ڪندڙ، غير تصديق ٿيل ڄاڻ جي پکيڙ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. تصديق ٿيل ڄاڻ جي وقت سر فراهمي گمراهه ڪندڙ ڄاڻ جي ازالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. هن چيو ته فيڪ نيوز جي ازالي لاءِ ادارن، ميڊيا ۽ عوام کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڄاڻ تائين پهچ عوام ۽ حڪومت وچ ۾ اعتماد کي مضبوط بڻائڻ جو اثرائتو ذريعو آهي. سردار اياز صادق چيو ته تصديق ٿيل ڄاڻ جي فراهمي جمهوري، عمل، شفاف حڪمراني ۽ اثرائتي عوامي شموليت لاءِ ضروري آهي.











