نادرا جي پاڪ آءِ ٽي موبائيل ايپ جو نئون ورزن 5.8.0 جاري، فيملي ميمبرز ڊجيٽل آءِ ڊي، دستاويزن جي ڪيو آر تصديق ۽ حج ۽ عمره زائرين لاءِ بائيو ميٽرڪ سهولت شامل

اسلام آباد - 28 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شهرين جي سهولت لاءِ پنهنجي پاڪ آءِ ڊي موبائيل ايپليڪيشن جو نئون ورزن 5.8.0 لانچ ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ فيملي ميمبرز ڊجيٽل آءِ ڊي، دستاويزن جي فوري ڪيو آر تصديق ۽ حج ۽ عمره زائرين لاءِ بائيو ميٽرڪ توثيق سميت ڪيترائي جديد فيچرز شامل ڪيا ويا آهن. نادرا جي پبلڪ انفارميشن آفيسر سيد شبهات …

اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شهرين جي سهولت لاءِ پنهنجي پاڪ آءِ ڊي موبائيل ايپليڪيشن جو نئون ورزن 5.8.0 لانچ ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ فيملي ميمبرز ڊجيٽل آءِ ڊي، دستاويزن جي فوري ڪيو آر تصديق ۽ حج ۽ عمره زائرين لاءِ بائيو ميٽرڪ توثيق سميت ڪيترائي جديد فيچرز شامل ڪيا ويا آهن. نادرا جي پبلڪ انفارميشن آفيسر سيد شبهات علي موجب پاڪ آءِ ڊي ايپ کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. نئين ورزن جي عيوض هاڻي شهري پاڻ سان گڏوگڏ (زال) ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي ڊجيٽل شناختي ڪارڊز، جووينائل ڪارڊ، نائيڪوپ يا پاڪستان اوريجن ڪارڊ آساني سان حاصل ۽ محفوظ ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي انهن جي ڄاڻ جي فوري تصديق ۽ شيئرنگ به ممڪن هوندي. هن ٻڌايو ته ايپ ۾ اهم دستاويزن جي فوري تصديق لاءِ اسڪين ڪيو آر ڪوڊ جو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن جي مدد سان ب فارم، فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ (ايف آر سي) ۽ شناختي ڪارڊ معطل ڪرڻ وارو سرٽيفڪيٽ داخل ڊجيٽل ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪري تصديق ٿيل ڪوائف ڪجهه سيڪنڊن ۾ ڏسي سگهجن ٿا. سيد شبهات علي مطابق پرڏيهه خاص ڪري حج ۽ عمره تي ويندڙ حج پانڌيئڙن لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق جو عمل وڌيڪ آسان بڻايو ويو آهي. زائرين هاڻي انفلوئنزا ۽ گردن ٽوڙ بخار (ميننجائٽس) جي ويڪسينيشن ڪارڊز لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق ايپ جي ”ايم بي وي ايس“ سيڪشن ذريعي گهر ويٺي مڪمل ڪري سگهن ٿا جنهن کان پوءِ تجويز ڪيل ويڪسين لڳرائي نادرا جي نمز (اين آءِ ايم ايس) پورٽل تان ويڪسينيشن ڪارڊ ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو. ايپ جي استعمال جو طريقو واضح ڪندي هن ٻڌايو ته فيملي ڊجيٽل آءِ ڊي لاءِ هوم اسڪرين سان فيملي ميمبرز ڊجيٽل آءِ ڊي ۾ وڃي گهربل ماڻهو جو نالو ”اپلاءِ فار ڊجيٽل آءِ ڊي“ چونڊ ڪيو. دستاويزن جي تصديق ”اسڪين ڪيو آر ڪوڊ“ ۽ ويڪسينيشن توثيق ايم بي وي ايس سيڪشن مان گهربل ڪيٽيگري جي چونڊ ڪري فيس جي ادائگي ذريعي مڪمل ڪري سگهجي ٿي. هن واضح ڪيو ته عوامي تجويزن جي روشني ۾ پاڪ آءِ ڊي سروسز کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جو عمل جاري رهندو.

مزید خبریں