اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. او سي اي سي، پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ 3.046 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جو آمدني واپار رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال …
ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 5 سيڪڙو جو اضافو

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. او سي اي سي، پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ 3.046 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جو آمدني واپار رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ 2.89 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ ۾ 1.810 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جي آمدني واپار ٿيو، جيڪو جولاءِ ۾ 1.236 ملين ٽن ۽ گذريل سال آگسٽ ۾ 1.50 ملين ٽن هئا. انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ 2.12 ملين ٽن ڪچي تيل جي آمدني واپار رڪارڊ ڪيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 1.620 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ ۾ 1.23 ملين ٽن ڪچي تيل جي آمدني واپار ٿيو جيڪو جولاءِ جي 0.89 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 39 سيڪڙو ۽ گذريل سال آگسٽ جي 0.811 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 53 سيڪڙو وڌيڪ آهي.











