حيدرآباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن ڄامشورو آفيس پاران مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ سوڪ ۽ ووٽر ايجوڪيشن جي عنوان سان آگاھي سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي ريجنل اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد اظھر حسين ٽانوري، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر امير مرزا، رجسٽرار مھراڻ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، ڊائريڪٽر پلاننگ مھراڻ يونيورسٽي امداد ٻگھيو خطاب ڪيو. مقررن مطابق مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون اليڪشن دوران …
اليڪشن ڪميشن ڄامشورو آفيس پاران مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ سوڪ ۽ ووٽر ايجوڪيشن جي عنوان سان آگاھي سيمينار

مزید خبریں
حيدرآباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن ڄامشورو آفيس پاران مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ سوڪ ۽ ووٽر ايجوڪيشن جي عنوان سان آگاھي سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي ريجنل اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد اظھر حسين ٽانوري، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر امير مرزا، رجسٽرار مھراڻ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، ڊائريڪٽر پلاننگ مھراڻ يونيورسٽي امداد ٻگھيو خطاب ڪيو. مقررن مطابق مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون اليڪشن دوران گھٽ ووٽ ڪندڙ آھن، عورتن جي ووٽ سان ملڪي صورتحال تبديل ٿي سگھي ٿي. سيمينار کي مقررن خطاب ڪندي چيو ته ھڪڙو ووٽ ملڪ جي مستقبل ۽ ملڪي صورتحال لاءِ ڪيترو قيمتي آھي، اھا اسان وٽ ووٽر کي آگاھي ناھي. صنفي تناسب سان ڏسبو ته عورتن جو وڏو انگ ثقافتي ۽ ٻين رڪاوٽن جي ڪري ووٽ نٿيون ڏئي سگھن. اسان وٽ گھڻو ڪري سمجھو ويندو آھي ته اليڪشن ۽ ووٽ صرف مردن جي راند آھي جڏھن ته ائين ناھي، عورتن کي اڳتي اچي پنھنجا شناختي ڪارڊ ٺھرائي ووٽ جي عمل ۾ حصو وٺڻ گھرجي. اليڪشن ڪميشن ووٽ جي عمل ۾ عورتن جو انگ وڌائڻو آھي. اھو سبب ڄاڻڻ بعد عورتن جي ووٽ جي عمل ۾ شرڪت وڌائڻ لاءِ آگاھي سيمينار ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آھي. عورتن ۽ مردن جي تناسب ۾ ڪافي فرق ھو، اٽڪل ھڪ ڪروڙ عورتن جو ملڪ ۾ ووٽ ئي رجسٽر ناھي. ان مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ڪيتري آبادي ووٽ جو حق استعمال نٿي ڪري. نوجوانن، عورتن، ٽرانسجينڊرس کي اليڪشن جي عمل جو حصو بنائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. مقررن چيو ته ھر ارڙھن سالن واري پاڪستاني شھري کي قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائي پنھنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪري اليڪشن جي عمل جو حصو ٿيڻ گھرجي. نوجوان ملڪ جو بنياد آھن، ملڪ جو مستقبل انھن جي ووٽ سان طئي ٿيندو، جمھوريت جو عمل انھن شھرين جي انتظار ۾ بيھندو ڪو نه جيڪي ووٽ جي عمل کان پري آھن. نوجوانن کي اڳتي اچي پنھنجي شرڪت وڌائڻ گھرجي. ينگ ليڊرس پارليمينٽ جي نمائندي عبدالحفيظ بنگلاڻي پنھنجي تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري ڏيکاري.











