اسلام آباد - 28 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جي گهرواريءَ ڊاڪٽر حسمه محمد علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان افسوسناڪ موقعي تي ڊاڪٽر مهاتير محمد، سندس گهرڀاتين ۽ ملائيشيا جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. …
صدر آصف علي زرداري پاران ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جي گهرواريءَ ڊاڪٽر حسمه محمد علي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جي گهرواريءَ ڊاڪٽر حسمه محمد علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان افسوسناڪ موقعي تي ڊاڪٽر مهاتير محمد، سندس گهرڀاتين ۽ ملائيشيا جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. صدر زرداري چيو ته ڊاڪٽر حسمه جي طب، عوامي صحت ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ ڊگهي مدي وارين خدمتن کي احترام سان ياد رکيو ويندو. هن الله تعالى کان دعا ڪئي ته مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۽ ڊاڪٽر مهاتير محمد ۽ سوڳوار خاندان کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ صبطا عطا فرمائي.











