ايس آءِ ايف سي جي مدد سان پرڏيهي سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد بحال

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي وقت سر مداخلت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان موثر رابطاڪاري جي نتيجي ۾ چين جي ڪمپني هونان ريسورسز جي ڌاٻيجي ۾ واقع صنعتي فيڪٽري 7 مهينن کانپوءِ ٻيهر فعال ٿي وئي، جنهن سان پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد کي هٿي ملي آهي. ايس آءِ ايف سي موجب هونان ريسورسز ڌاٻيجي ۾ صنعتي ٺڪاڻا هلائيندڙ چين جي ڪمپني آهي …

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي وقت سر مداخلت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان موثر رابطاڪاري جي نتيجي ۾ چين جي ڪمپني هونان ريسورسز جي ڌاٻيجي ۾ واقع صنعتي فيڪٽري 7 مهينن کانپوءِ ٻيهر فعال ٿي وئي، جنهن سان پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد کي هٿي ملي آهي. ايس آءِ ايف سي موجب هونان ريسورسز ڌاٻيجي ۾ صنعتي ٺڪاڻا هلائيندڙ چين جي ڪمپني آهي جنهن جي فيڪٽري فيبروري 2026ع کان هڪ معاملي سبب بند هئي، ڊگهي بندش دوران ڪمپني کي مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ڪمپني پاران پنهنجي صنعتي ٺڪاڻن بابت معاملي جي حل لاءِ ايس آءِ ايف سي جي مداخلت ۽ تعاون جي تعريف ڪئي وئي. ايس آءِ ايف سي معاملي جو وقت سر نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن سان رابطا ڪاري ڪئي ۽ مسئلي جي حل ۾ مدد فراهم ڪئي، جنهن کانپوءِ چيني ڪمپني جون صنعتي سرگرميون ٻيهر شروع ٿي ويون. اها اڳڀرائي پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول، سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ڪاروباري مسئلن جي فوري حل جي حوالي سان ايس آءِ ايف سي جي ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿي. چيني ڪمپني جي فيڪٽري جي بحالي سان نه رڳو صنعتي سرگرمين ۾ تسلسل بحال ٿيو، پر پاڪستان ۾ موجود پرڏيهي سيڙپڪارن کي پنهنجي ڪاروباري مسئلن جي حل لاءِ اداره جاتي مدد جو هاڪاري پيغام به مليو.

مزید خبریں