اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد چيو آهي ته صحيع ۽ تصديق ٿيل معلومات تائين پهچ باخبر ۽ مضبوط جمهوريت لاءِ اڻٽر آهي، معلومات تائين پهچ هر شهري جو بنيادي آئيني حق آهي. سومر تي معلومات تائين پهچ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عوام کي صحيع، تصديق ٿيل ۽ اعتماد جوڳي معلومات جي فراهمي شفاف …
معلومات تائين پهچ هر شهري جو بنيادي آئيني حق آهي: سينيٽر روبينا خالد

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد چيو آهي ته صحيع ۽ تصديق ٿيل معلومات تائين پهچ باخبر ۽ مضبوط جمهوريت لاءِ اڻٽر آهي، معلومات تائين پهچ هر شهري جو بنيادي آئيني حق آهي. سومر تي معلومات تائين پهچ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عوام کي صحيع، تصديق ٿيل ۽ اعتماد جوڳي معلومات جي فراهمي شفاف معاشري جي بنياد آهي، معلومات تائين پهچ جي حق جو تحفظ هڪ شفاف ۽ جوابده معاشري لاءِ ضروري آهي. سينيٽر روبينا خالد چيو ته ڊيجيٽل پليٽ فارمز ۽ مصنوعي ذهانت جي دور ۾ تصديق ٿيل معلومات جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهيشهرين کي تصديق ٿيل معلومات تائين آسان ۽ وقت سر پهچ فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، غلط ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي ڦهلاءُ جي روڪٿام لاءِ صحيع معلومات جي فراهمي ضروري آهي. هن چيو ته معلومات تائين پهچ شفافيت، احتساب ۽ عوامي اعتماد کي هٿي ڏئي ٿي، عوام کي پنهنجن حقن ۽ دستياب سهولتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ صحيع معلومات تائين پهچ ضروري آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مستحق عورتن کي پروگرام بابت صحيع ۽ ويت سر معلومات جي فراهمي کي خاص اهميت ڏئي ٿو، مستحقن کي سندن هقن ۽ سهولتن کان آگاهه ڪرڻ بي آءِ ايس پي جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته عوام کي حق معلومات ۽ صحيع معلومات جي فراهمي لاءِ قدم کڻڻ جو سلسلو جاري رکنداسين.











