اسلام آباد - 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ مان ميون ۽ ڀاڄين جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي بن مهينن دوران ساليانو بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. وفاقي شمارياتي اداري جي انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن ۾ ميون جي روانگي واپار مان ملڪ کي 58.90 ملين ڊالر جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي …
ميون ۽ ڀاڄين جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين ٻن مهينن دوران ساليانو بنيادن تي گهٽتائي

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ مان ميون ۽ ڀاڄين جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي بن مهينن دوران ساليانو بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. وفاقي شمارياتي اداري جي انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن ۾ ميون جي روانگي واپار مان ملڪ کي 58.90 ملين ڊالر جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 11.83 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ ميون جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 66.80 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن ۾ ڀاڄين جي روانگي واپار مان ملڪ کي 27.83 ملين ڊالر جو مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو. گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ ڀاڄين جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 29.90 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. اهڙي طرح ڀاڄين جي روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 8.60 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.











