اسلام آباد - 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتون هڪ هفتي دوران مستحڪم رهيون. وفاقي شمارياتي اداري جي انگن اکرن مطابق 24 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري سراسري رٽيل قيمت 1553 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ان کان گذريل هفتي به 1553 روپيا هئي. اهڙي طرح ڏاکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي …
ملڪ ۾ سيمينٽ جي رٽيل قيمتن ۾ استحڪام

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتون هڪ هفتي دوران مستحڪم رهيون. وفاقي شمارياتي اداري جي انگن اکرن مطابق 24 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري سراسري رٽيل قيمت 1553 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ان کان گذريل هفتي به 1553 روپيا هئي. اهڙي طرح ڏاکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري سراسري رٽيل قيمت 1547 روپيا رهي جيڪا ان کان گذريل هفتي به 1547 روپيا هئي. انگن اکرن مطابق گذريل هفتي اسلام آباد ۾ سيمينٽ جي في ٻوري سراسري رٽيل قيمت 1527 روپيا، ڪراچي ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي سراسري رٽيل قيمت 1470، حيدرآباد ۾ 1520 روپيا، سکر ۾ 1610 روپيا، لاڙڪاڻي ۾ 1523 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي.











