پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات تي ٻاڙائي، 100 انڊيڪس 170285 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو

اسلام آباد - 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر تي ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 479.24 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 170285 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو. شروعاتي سيشن دوران مجموعي طور تي 52.78 ملين شيئر جي ڏيتي ليتي ٿي جن جي ماليت 3.40 ارب روپيا رهي. نمايان ڪاروبار ۾ تصدق انفارميشن سروسز لميٽڊ جي 34.94 …

اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر تي ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 479.24 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 170285 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو. شروعاتي سيشن دوران مجموعي طور تي 52.78 ملين شيئر جي ڏيتي ليتي ٿي جن جي ماليت 3.40 ارب روپيا رهي. نمايان ڪاروبار ۾ تصدق انفارميشن سروسز لميٽڊ جي 34.94 ملين شيئرز، ورلڊ ڪال ٽيلڪام لميٽيڊ جي 8.36 ملين شيئرز ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽڊ جي 5.44 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 169.61 پوائنٽ جي گهٽتائي سان 50654 پوائنٽس جڏهن ته اسلامي ماليات جي اصولن مطابق شريعه ڪمپلائنٽ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 755.28 پوائنٽس گهٽجي 243636 پوائنٽس تي اچي ويو.

مزید خبریں