ميڊرڊ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) لاليگا جي صدر خاوير تيباس چيو آهي ته پريميئر ليگ خلاف مانچسٽر سٽي جي قانوني ويڙهه ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته فٽبال جي شفافيت ۽ بقا لاءِ سڀني لاءِ برابر قانون ڪيترو ضروري آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مانچسٽر سٽي خلاف پريميئر ليگ جي معاشي قانونن جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس ۾ هڪ آزاد پينل ان تي لاڳو 115 مان 114 الزامن کي درست قرار …
مانچسٽر سٽي جي مالياتي ڪيس تي لاليگا جي صدر خاوير تيباس جي سخت تنقيد

مزید خبریں
ميڊرڊ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) لاليگا جي صدر خاوير تيباس چيو آهي ته پريميئر ليگ خلاف مانچسٽر سٽي جي قانوني ويڙهه ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته فٽبال جي شفافيت ۽ بقا لاءِ سڀني لاءِ برابر قانون ڪيترو ضروري آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مانچسٽر سٽي خلاف پريميئر ليگ جي معاشي قانونن جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس ۾ هڪ آزاد پينل ان تي لاڳو 115 مان 114 الزامن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مانسچٽر سٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڏوهي قرار ڏيڻ جي فيصلن جي ترديد ناهي ڪئي ۽ چيو ته اهو عمل اڃان به جاري آهي. ٻئي پاسي پريميئر ليگ جو چوڻ آهي ته هو ان جي خانگي ۽ پرائيوٽ عمل تي ڪو به تبصرو نه ڪندو. ان کان اڳ 2020ع ۾ مانچسٽر سٽي يوئيفا جي مالياتي قائدن جي ڀڃڪڙي تي لڳايل ٻن سالن جي يورپي پابندي کي اسپورٽس آرڪيبيٽريشن ڪورٽ کان رد ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهيو هو، جنهن تي خاوير تيباس سي اي ايس جي ان فيصلي کي يورپي فٽبال جي مالياتي نطام لاءِ شديد نقصانڪار قرار ڏنو هو. اي











