نيويارڪ - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسرندڙ ملڪن ۾ وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ اڳواٽ مالي معاونت، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ سائنسي، ٽيڪنيڪي ۽ صنعتي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مستقبل ۾ وبائي مرضن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ ويڪسين ۽ ضروري طبي سهولتن تائين برابر …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران اسرندڙ ملڪن ۾ ٽيڪنيڪي ۽ صنعتي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسرندڙ ملڪن ۾ وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ اڳواٽ مالي معاونت، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ سائنسي، ٽيڪنيڪي ۽ صنعتي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مستقبل ۾ وبائي مرضن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ ويڪسين ۽ ضروري طبي سهولتن تائين برابر پهچ، وبائي مرضن بابت معلومات جي وقت سر فراهمي ۽ عالمي تعاون لازمي آهي. پرڏيهي آفيس جي سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پوسٽ موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي “وبائي مرضن جي روڪٿام، تياري ۽ ردعمل” جي موضوع تي اعلى سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ڪوويڊ 19 جي وبا دوران پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي گڏيل حڪمت عملي کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون، ٽيسسٽنگ، متاثر ماڻهن سان رابطي ۾ ايندڙ جو پتو لڳائڻ، سماجي تحفظ ۽ مختلف شعبن ۾ تي ٻڌل “ون ويلٿ” طريقيڪار کي اختيار ڪرڻ شامل هو. نائب وزيراعظم صحت جي عالمي اداري جي وبائي مرضن بابت معاهدي جي منظوري جي آجيان ڪئي ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ سائنسي، ٽيڪنيڪي ۽ پيداواري صلاحيتن ۾ اضافي جي اهميت تي زور ڏنو. هن مستقبل ۾ وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ويڪسين ۽ ضروري طبي قدمن تائين منصفاڻي پهچ، وبائي مرضن بابت ڊيٽا جي وقت سر فراهمي ۽ صحت جي عالمي اداري جي قيادت ۾ مضبوط، جامع ۽ گهڻ رخي عالمي ردعمل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.










