اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران افغان دفاع واري وزارت جي اسپن بولدڪ ويجهو پاڪستاني چوڪي تباهه ڪرڻ جي دعوى رد

اسلام آباد - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغانستان جي دفاع واري وزارت پاران اسپن بولدڪ ويجهو پاڪستاني چوڪي کي تباهه ڪرڻ ۽ افغان فورسز کي ڪو جي جاني نقصان نه ٿيڻ ۽ پاڪستان جي موقف کي پروپئگنڊه قرار ڏيڻ جي حسب معمول ڪوڙي دعوى کي ر ڪندي چيو آهي ته افغان دفاع واري وزارت جي دعوى بلڪل غلط ۽ هٿ ٺوڪي آهي. فيڪٽ چيڪر …

اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت افغانستان جي دفاع واري وزارت پاران اسپن بولدڪ ويجهو پاڪستاني چوڪي کي تباهه ڪرڻ ۽ افغان فورسز کي ڪو جي جاني نقصان نه ٿيڻ ۽ پاڪستان جي موقف کي پروپئگنڊه قرار ڏيڻ جي حسب معمول ڪوڙي دعوى کي ر ڪندي چيو آهي ته افغان دفاع واري وزارت جي دعوى بلڪل غلط ۽ هٿ ٺوڪي آهي. فيڪٽ چيڪر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي ڪيل پوسٽ ۾ اصل حقيقتون پيش ڪندي چيو ويو آهي ته 24 ۽ 25 سيپٽمبر جي وچ واري رات گلستان سيڪٽر ۾ افغان جارحيت جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. طالبان چوڪين تي ڪيل شديد جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 افغان طالبان اهلڪار ماريا ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. فيڪٽ چيڪر اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پنهنجي پوسٽ ۾ واقعي جي ڪجهه وڊيوز ۽ تصويرون پڻ شيئر ڪيون جن کي اڳ ۾ ئي ميڊيا وسيع پئماني تي نشر ۽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ويو آهي. اهو مواد سرحد تي ٿيندڙ جهڙپ ۽ بزدلاڻي حملي کانپوءِ افغان طالبان جي خلاف ڪيل جوابي ڪارروائي ۽ انهن کي پهچندڙ نقصان جو واضح ثبوت فراهم ڪري ٿو. اطلاعات واري وزارت چيو ته افغان دفاع واري وزارت پاران اهڙي طرح جي هٿ ٺوڪي دعوى ڪا حيران ڪندڙ ڳالهه نه آهي ڇو ته طالبان ڪوڙ ڳالهائڻ جا عادي آهن ۽ اخلاقي ۽ ساک جي لحاظ کان انهن جي ڪا حيثيت نه آهي.

مزید خبریں