اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد کي هڪ مضبوط، نمائنده ۽ بااختيار طرز حڪمراني جي ضرورت آهي جيڪا شهرين لاءِ قانون سازي، انتظامي معاملن ۽ ترقياتي فيصلن ۾ موثر آواز فراهم ڪري. اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي انتظام هيٺ اسلام آباد گورننس ايندر پراونشل اسٽيٽس ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن …
اسلام آباد کي هڪ مضبوط، نمائنده ۽ بااختيار طرز حڪمراني جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد کي هڪ مضبوط، نمائنده ۽ بااختيار طرز حڪمراني جي ضرورت آهي جيڪا شهرين لاءِ قانون سازي، انتظامي معاملن ۽ ترقياتي فيصلن ۾ موثر آواز فراهم ڪري. اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي انتظام هيٺ اسلام آباد گورننس ايندر پراونشل اسٽيٽس ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت قومي بحث کي آئيني طريقيڪار ۽ بامعنيٰ عوامي مشاورت ذريعي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته اسلام آباد جا معاملا ڪيترن ئي وفاقي ادارن وچ ۾ ورهايل هجڻ سبب پاڻي، گندي پاڻي جي نيڪال، انفراسٽرڪچر ۽ ڳوٺاڻي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ انتظامي خلا پيدا ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري، گاديءَ واري هنڌ لاءِ هڪ اهڙو نظام ضروري آهي جيڪو چونڊيل، مالي طور تي مستحڪم ۽ اداراجاتي تسلسل رکندڙ هجي، جڏهن ته قومي سلامتي، امن ۽ امان ۽ حساس وفاقي اثاثن جو تحفظ وفاقي حڪومت جي ذميواري ۾ برقرار هجي. وفاقي وزير آءِ سي سي آءِ جي صدر سردار طاهر محمود سان گڏ چيمبر ۾ اوورسيز فيسليٽيشن سينٽر جو افتتاح پڻ ڪيو. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته اسلام آباد جي گورننس ماڊل جي تعين ۾ شهرين کي بامعنيٰ ڪردار ملڻ گهرجي ۽ ان بحث کي نعرن کان اڳتي وڌائي نمائندگي، جوابدهي ۽ عوامي خدمتن جي بهتري جي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. هن آءِ سي سي آءِ طرفان سياسي نمائندن، پارليامينٽرين، ڪاروباري اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي ٽرئفڪ ڪوريڊور جي بهتري، سيف سٽي سسٽم جي توسيع، ميرٽ تي 10,000 پوليس اهلڪارن جي ڀرتي، نون پاڻي ذخيرن جي تعمير ۽ پراڻين پائپ لائنن جي تبديلي مختلف قدمن جو ذڪر ڪيو ۽ ٻهراڙي اسلام آباد جي شهرين کي برابري جي بنيادي سهولتن جي فراهمي تي زور ڀريو. هن چيو ته مستقبل جو گورننس ماڊل مضبوط عوامي نمائندگي، اداراجاتي استحڪام ۽ سياسي پختگي تي ٻڌل هجڻ گهرجي. مملڪتي وزير آءِ سي سي آءِ جي صدر سان گڏ چيمبر هائوس جي نادرا آفيس ۾ پاسپورٽ ڪائونٽر جو افتتاح پڻ ڪيو. ان کان اڳ، آءِ سي سي آءِ فائونڊر گروپ جي چيئرمين طارق صادق آجياڻي ۾ ڪنوينشن جي مقصدن ۽ اهميت تي روشني وڌي. ان موقعي تي اسلام آباد بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين چوڌري آصف عرفان، ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين عادل عزيز قاضي ۽ اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن چوڌري نعيم علي گجر پڻ خطاب ڪيو.










