نيويارڪ - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بينن جي پرڏيهي وزير ڪورين اموري برونيٽ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ بينن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي باقاعده نظام قائم ڪرڻ بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بينن جي پرڏيهي وزير ڪورين اموري برونيٽ سان ملاقات، اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بينن جي پرڏيهي وزير ڪورين اموري برونيٽ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ بينن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي باقاعده نظام قائم ڪرڻ بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ بينن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) قائم ڪرڻ بابت هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باقاعده ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت جي فريم ورڪ کي اداراجاتي شڪل ڏني وئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري تعاون جي شعبي ۾ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.










