نيويارڪ - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن شعبان ۾ 21 سيپٽمبر کان هيستائين ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 33 خوارج/ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن شعبان ۾ 21 سيپٽمبر کان هيستائين ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 33 خوارج/ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سميت غيرملڪي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون پوري قوت سان جاري رهنديون.










