سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي زور، پارلياماني مفاهمتي يادداشت تي صحيحون

منسڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جو مضبوط بنياد موجود آهي، جنهن کي واپار، سيڙپڪاري، زراعت، صنعت، دواسازي، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن سميت گڏيل مفاد جي مختلف شعبن ۾ عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪائونسل آف دي بيلاروس جي چيئرپرسن نتاليا ڪوچانووا جي دعوت تي بيلاروس جي دوري …

منسڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جو مضبوط بنياد موجود آهي، جنهن کي واپار، سيڙپڪاري، زراعت، صنعت، دواسازي، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن سميت گڏيل مفاد جي مختلف شعبن ۾ عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪائونسل آف دي بيلاروس جي چيئرپرسن نتاليا ڪوچانووا جي دعوت تي بيلاروس جي دوري تي آهي، جنهن دوران اعليٰ سطحي ۽ اهم ملاقاتون ۽ سرگرميون منعقد ڪيون ويون. دوري جو مقصد پاڪستان ۽ بيلاروس جي پراڻي دوستي کي عملي پارلياماني، اقتصادي، صنعتي ۽ فعي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ڪائونسل آف دي ريپبلڪ بيلاورس جي قيادت سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي سينيٽ چيئرمين شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. سينيٽ چيئرمين ڪائونسل آف دي ريپبلڪ جي چيئرپرسن نتاليا ڪوچانووا سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون، جن جي شروعات نويڪيلائي واري ملاقات سان ٿي، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وفدن جي وچ ۾ تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ٻنهي ڌرين ٻطرفي ۽ بين الپارلياماني لاڳاپن، 2025-2027ع لاءِ تعاون جي روڊ ميپ تي عملدرآمد، پارلياماني دوستي گروپن، علائقائي رابطن، بينڪنگ تعاون ۽ انساني بنيادن تي مٽاسٽا جو جائزو ورتو. ٻنهي ڌرين طرفان گڏيل منصوبن، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، اسيمبلي جي پيداوار، زراعت ۽ دواسازي جي شعبن ۾ تعاون جي امڪانن تي پڻ زور ڀريو ويو. دوري جو هڪ اهم نتيجو بيلاروس جي ڪائونسل آف دي ريپبلڪ ۽ پاڪستان جي سينيٽ وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون هيون. مفاهمت جي يادداشت تي نتاليا ڪوچانووا ۽ سيد يوسف رضا گيلاني صحيحون ڪيون. مفاهمت جي يادداشت ۾ باقاعده پارلياماني مٽاسٽا، اداراجاتي رابطن، بين العلائقائي تعاون ۽ عالمي پارلياماني پليٽ فارمن تي مربوط رابطن لاءِ فريم ورڪ فراهم ڪيو ويو آهي. سينيٽ چيئرمين ان معاهدي کي پاڪستان ۽ بيلاروس جي بين الپارلياماني لاڳاپن کي نئين سطح تي وٺي وڃڻ طرف اهم عملي قدم قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وفد سان گڏ، منسڪ ٽريڪٽر پلانٽ (ايم ٽي زي) جو به دورو ڪيو جتي هن اداري جي پيداواري صلاحيتن ۽ جديد زرعي مشينري جو جائزو ورتو. پاڪستاني وفد کي ٻڌايو ويو ته گذريل سالن دوران 70,000 کان وڌيڪ بيلاروسي ٽريڪٽر پاڪستان کي فراهم ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي، تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ، پاڪستان ۾ ٽريڪٽرن جي اسيمبلنگ ٻيهر شروع ڪرڻ، روانگي واپار ۾ واڌ، جديد زرعي سامان ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين ايم ٽي زيڊ ميوزيم-انڊسٽريل سينٽر آف ليبر گلوري جو به دورو ڪيو، جتي کيس ٽريڪٽر پلانٽ جي 80 سالن جي تاريخ ۽ ان جي صنعتي ڪاميابين بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري جي  پڄاڻي تي يادگاري تحفن جي پٽ مٽاسٽا ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. سينيٽ چيئرمين جو هاڻوڪو بيلاروس جو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي حوالي سان مستقبل تي ٻڌل حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن ۾ پارلياماني سفارتڪاري سان گڏوگڏ واپار، سيڙپڪاري، صنعت، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ اداراجاتي تعاون تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن گڏيل  مفادن تي ٻڌل ڀائيواري جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن.

مزید خبریں