اسلام آباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي، جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ وچ پنجاب ۾ جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙا پوڻ جي اميد آهي. موسميات کاتي موجب موجوده صورتحال کي نظر ۾ر کندي اولهه جي هوائن جو …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي، جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ وچ پنجاب ۾ جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙا پوڻ جي اميد آهي. موسميات کاتي موجب موجوده صورتحال کي نظر ۾ر کندي اولهه جي هوائن جو هڪ سلسلو ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي جيڪو اڄ ڇنڇر تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي. اڄ ڇنڇر ڏينهن ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ وچ پنجاب ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي ان دوران ڪجهه علائقن ۾ ڳڙا پوڻ جو به امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ موسم گرم رهي. جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا، اسلام آباد ۽ ڪشمير جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي.











