ڪراچي-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت فيڪ نيوز جي روڪٿام لاءِ قومي اداري اين سي سي آءِ اي کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اطلاعات کاتي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اطلاعات واري سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات معيز پيرزادو ۽ اطلاعات کاتي جي مختلف شعبن جي ڊائريڪٽرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيڪ نيوز، …
سنڌ حڪومت پاران فيڪ نيوز جي روڪٿام لاءِ قومي اداري اين سي سي آءِ اي کان مدد وٺڻ جو فيصلو

مزید خبریں
ڪراچي-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت فيڪ نيوز جي روڪٿام لاءِ قومي اداري اين سي سي آءِ اي کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اطلاعات کاتي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اطلاعات واري سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات معيز پيرزادو ۽ اطلاعات کاتي جي مختلف شعبن جي ڊائريڪٽرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيڪ نيوز، ڪوڙي ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي روڪٿام، جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ميڊيا مانيٽرنگ ۽ سنڌ حڪومت جي مثبت ۽ تعميري بيانئي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا.اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي مختلف شعبن جي ڊائريڪٽرن محمد يوسف ڪابورو، عزيز هَڪڙو، حزب الله ميمڻ، طارق امام، فدا بالادي، ماجد خان، عمران ، محمد ڪامران، سرور سميجو، امتياز جويو ۽ ڊپٽي سيڪريٽري صاحب خان ڀنڊ شرڪت ڪئي.شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته فيڪ نيوز جي روڪٿام لاءِ نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي کان سهڪار حاصل ڪيو وڃي ۽ فيڪ نيوز ٺاهيندڙن ۽ پکيڙيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ادارن سان مؤثر سهڪار کي وڌيڪ وڌايو وڃي. هن چيو ته ڪوڙين ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات ذريعي ڪنهن به شخص يا اداري کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش برداشت نه ڪئي ويندي.سينيئر وزير اطلاعات واري سيڪريٽري ۽ اطلاعات کاتي جي سمورن شعبن جي ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي ته مين اسٽريم ۽ سوشل ميڊيا تي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان فيڪ نيوز جي روزاني بنياد تي مانيٽرنگ ڪئي وڃي. هن چيو ته فيڪ نيوز جي بروقت نشاندهي، تصديق ۽ تدارڪ لاءِ اطلاعات کاتي ۾ هڪ مؤثر ۽ مربوط مانيٽرنگ نظام جوڙيو وڃي، جڏهن ته فيڪ نيوز جي تدارڪ لاءِ اطلاعات کاتي ۽ اين سي سي آءِ اي وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جو بيانيو امن، رواداري، بين الصوبائي هم آهنگي ۽ قومي اتحاد تي ٻڌل آهي. هن هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت جي هن مثبت ۽ تعميري بيانئي کي وڌيڪ مؤثر ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ اضافي قدم کنيا وڃن. اطلاعات کاتو جديد ميڊيا جي ذريعن ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن مان ڀرپور فائدو وٺندي سنڌ حڪومت جي مثبت قدمن ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي مؤثر انداز ۾ اجاگر ڪري.هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته معاشري جي سمورن طبقن جي نمائندن کي سنڌ حڪومت جي بيانئي جو حصو بڻايو وڃي ۽ اطلاعات کاتو فيڪ نيوز جي مانيٽرنگ سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت جي مثبت بيانئي جي مؤثر تشهير تي پڻ خاص ڌيان ڏئي. هن چيو ته مؤثر ميڊيا حڪمت عملي ذريعي عوام تائين درست، مستند ۽ بروقت معلومات جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.










