نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي آمريڪي ڪاروباري ادارن جي لاءِ سيڙپڪاري جي هڪ اهم منزل قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي معيشت مستحڪم ۽ ترقي طرف وڌي رهي آهي، پاڪستان جي وڏي مارڪيٽ ۽ نوجوان افرادي قوت ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ اهم عنصر آهن. آمريڪي ڪاروباري برادري خاص طور تي مينوفيڪچرنگ، زراعت، آئي ٽي، مصنوعي ذهانت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات سميت ٻين …
پاڪستان آمريڪي ڪاروباري ادارن جي لاءِ سيڙپڪاري جي هڪ اهم منزل آهي، قومي معيشت مستحڪم ۽ ترقي طرف وڌي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي آمريڪي ڪاروباري ادارن جي لاءِ سيڙپڪاري جي هڪ اهم منزل قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي معيشت مستحڪم ۽ ترقي طرف وڌي رهي آهي، پاڪستان جي وڏي مارڪيٽ ۽ نوجوان افرادي قوت ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ اهم عنصر آهن. آمريڪي ڪاروباري برادري خاص طور تي مينوفيڪچرنگ، زراعت، آئي ٽي، مصنوعي ذهانت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وڏن موقعن مان لاڀ پرائي سگهي ٿي. هُن اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪا-پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ بزنس ڪائونسل آف انٽرنيشنل انڊر اسٽينڊنگ جي گڏيل وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته اهي ڪائونسلون اسلام آباد ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ اهم پل آهن. هن چيو ته آمريڪا سان اسان جي لاڳاپن ۾ گذريل هڪ سال ۾ تمام گهڻي بهتري آئي آهي، ان لاءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان گڏجي پاڪستان ۾ موجود موقعن تي سنجيدگي سان غور ڪريون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ بيشمار موقعا ۽ صلاحيتون ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جُون منتظر ۾ آهن، پاڪستان ۾ توهان جي آجيان ڪرڻ ۽ سڀني معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم ٻُڌايو ته اسان جي معيشت هاڻي مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ اسان معاشي ترقي خرف وڌي رهيا آهيون. بدقسمتي سان، تازو نار بحران اسان کي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو تنهن هُوندي به اسان پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي لاءِ ڪوششُون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته امن جي قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پُوري توانائي وقف ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل جون ۾، اسان صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي قابل ٿيا هئاسين، پر ان کان پوءِ صورتحال ٻيهر خراب ٿيڻ شروع ٿي وئي. اميد آهي ته دوست ملڪن جي تعاون سان اسان هن صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن ۽ امان برقرار رهڻ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. اسان وڏي حد تائين ادارتي سڌارا شروع ڪيا آهن، معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اي گورننس لاءِ تيزي سان ڪم جاري آهي. هن زراعت سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي نشاندهي ڪندي چيو ته زراعت سڀ کان مٿاهين آهي، اسان زراعت ۾ مصنوعي ذهانت ئي نه پر جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد زرعي مشينري جي استعمال بابت جي به ڳالهه ڪريُون ٿا، جنهن ۾ ڪمبائن هارويسٽر ۽ ٻيو سامان شامل آهي، ته جيئن پيداوار ۽ ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿئي، خرچ گهٽ ٿين ۽ هڪ هڪ داڻي کي محفُوظ ڪري سگهجي. هي اهو شعبو آهي جتي پاڪستان وٽ اڄ به سڀ کان وڌيڪ صلاحيت آهي. وزيراعظم چيو ته کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي تمام گهڻن وسيلن سان نوازيو آهي. ان کان علاوه، آئي ٽي ۽ اي آءِ سان لاڳاپيل قدم آهنم، اسان جي آبادي جو هڪ وڏو انگ نوجوانن تي ٻڌل آهي. اسان انهن کي پيشيوراڻي تربيت ۽ مهارت فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهي نوجوان پاڪستان جو هڪ وڏو اثاثو آهن. انهن تي ڌيان ڏيئي، انهن کي ڪارگر بڻائڻو آهي ۽ اههن جي لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻا آهن. وزيراعظم چيو ته علائقي ۾ امن قائم رهڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. اسان وڏي حد تائين ادارتي سڌارا شروع ڪيا آهن، معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون، ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اي گورننس لاءِ تيزي سان ڪم جاري آهي. هُن زراعت سميت ٻين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي نشاندهي ڪندي چيو ته زراعت سڀني کان مٿاهين آهي، اسان زراعت ۾ مصنوعي ذهانت ئي نه پر جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد زرعي مشينري جي استعمال جي ڳالهه ڪريُون ٿا، جنهن ۾ ڪمبائن هارويسٽر ۽ ٻيا اوزار شامل آهن، ته جيئن پيداوار ۽ ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿئي، خرچ گهٽ ٿين سگهن ۽ هڪ هڪ داڻي کي محفُوظ بڻائي سگهجي، هي اهو شعبو آهي جتي پاڪستان وٽ اڄ به سڀ کان وڌيڪ صلاحيت آهي. وزيراعظم چيو ته کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ الله تعالي پاڪستان کي تمام گهڻن وسيلن سان نوازيو آهي. ان کان علاوه، آئي ٽي ۽ اي آءِ سان لاڳاپيل قدم آهن. اسان جي آبادي جو هڪ وڏو انگ نوجوانن تي ٻڌل آهي. اسان انهن کي پيشيوراڻي تربيت ۽ مهارت فراهم ڪري انهن کي بااختيار بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهي نوجوان پاڪستان جو هڪ وڏو اثاثو آهن. انهن تي ڌيان ڏيئي انهن کي ڪارگر بڻائڻو آهي ۽ انهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻا آهن. وزيراعظم تازي بحران جو ذڪر ڪندي چيو ته ان کي نظر ۾ رکندي اسان کي ڪيتريون ئي شيون سکڻيون پونديون. پاڪستان توانائي جي ذخيرن، ٻارڻ، گئس جي حوالي سان تحفظ ۽ سلامتي ٻنهي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ان سان گڏوگڏ، جهاز راني ۽ بندرگاهن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته مٿي ڏنل پنج اهي شعبا آهن جن کي ترجيح ڏني وئي آهي. هن چيو ته نجڪاري جو شعبو سيڙپڪارن لاءِ دلچسپي جو هڪ ٻيو تمام اهم شعبو آهي. هن وقت، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي نجڪاري ٿي چڪي آهي. نوان مالڪ، جيڪي سڀئي پاڪستاني آهن، اهي ان ۾ بهتري آڻيندا. اسان هڪ بينڪ جي نجڪاري به ڪئي آهي. اسان هاڻي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي نجڪاري ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. اهڙي طرح، گڏيل دلچسپي جا ڪيترائي ٻيا شعبا پڻ نجي شعبي جي حوالي ڪيا پيا وڃن ڇاڪاڻ ته حڪومت جو ڪم سهولت فراهم ڪرڻ آهي، اسان سمجهُون ٿا ته حڪومت جو ڪم نجي شعبي جي مدد جي لاءِ هڪ عملي طور سازگار ماحول ۽ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي آمريڪا-پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ بزنس ڪائونسل آف انٽرنيشنل انڊرسٽينڊنگ جي گڏيل وفد سان ملاقات ۾ وزيراعظم آمريڪي ڪاروباري اڳواڻن سان ڳالهائيندي پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڪاروباري شعبن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان جاري ۽ لاڀائتي ڀائيواري کي ساراهيو. وزيراعظم آمريڪي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان جي معيشت جي اهم شعبن خاص طور تي منيوفيڪچرنگ، زراعت، آئي ٽي، مصنوعي ذهانت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وڏن موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول قائم ڪرڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. مُلاقات ۾ پاڪستان سان ڪاروباري سرگرمين ۾ مصروف آمريڪي ڪمپنين بوئنگ، ايبٽ، پيپسي ڪو، ڪوڪا ڪولا، ريسيڪيورٽي، ماسٽر ڪارڊ، اين ويڊيا، اي ٽي ايس ڪيپيٽل، ٽي آر جي انٽرنيشنل، آرچر ڊينيئلز مڊلينڊ ڪمپني، نارٿ شور ميڊيڪل ليب، ريڪٽ، ويزا ۽ ايڪسليريٽ انرجي جي سينئر نمائندن شرڪت ڪئي. آمريڪا-پاڪستان بزنس ڪائونسل جي صدر ايسپرانزا جليليان آمريڪي ڪاروباري ادارن سان وزيراعظم جي مسلسل رابطن تي سندس ٿورا مڃيا ۽ آمريڪي چيمبر آف ڪامرس پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي فروغ جي لاءِ منصوبن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. بزنس ڪائونسل آف انٽرنيشنل انڊر اسٽينڊنگ جي جي صدر پيٽر ٽيچانسڪي پاڪستان ۾ موجوده سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ نئين ڀائيواري جي موقعن کي ڳولڻ ۾ بي سي آءِ يو ميمبر ڪمپنين جي دلچسپي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. آمريڪا-پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ بزنس ڪائونسل آف انٽرنيشنل انڊر اسٽينڊنگ وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هُو تعاون جي فروغ لاءِ پاڪستان جي حڪومت ۽ نجي شعبي سان ويجها رابطا جاري رکندا. وزيراعظم پاڪستان کي آمريڪي ڪاروباري ادارن جي لاءِ هڪ اهم سيڙپڪاري جي منزل قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي وڏي مارڪيٽ ۽ نوجوان افرادي قوت ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ اهم عنصر آهن. آمريڪا-پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ بزنس ڪائونسل آف انٽرنيشنل انڊرسٽينڊنگ جي ميمبرن پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري مفادن، موجوده سرگرمين ۽ ملڪ ۾ پنهنجي موجودگي کي وڌيڪ وڌائڻ جي منصوبن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم جي مدد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ آمدني واري وزير محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي، چيئرمين پي وي آر اي بلال بن ثاقب، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان احمد شيخ ڪئي.










