فلسطين جي اولهندي ڪناري ۾ سال 2023ع کان هن وقت تائين يهودي آبادڪارن جي حملن ۾ 6500 فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن:گڏيل قومون

گڏيل قومون- 25 سيپٽمبر(اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته اولهندي ڪناري ۾ سال 2023ع کان هن وقت تائين 6500 کان وڌيڪ فلسطيني شهري اسرائيلي آبادڪارن جي حملن ۽ پهچ تي پابندين سبب بي گهر ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه جمعي ڏينهن گڏيل قومن جي انساني معاملن جي شعبي (او سي ايڇ اي) هڪ بيان ۾ چئي. اوچا ٻڌايو ته هڪ تازي نقشي ۾ انهن آبادين جا …

گڏيل قومون- 25 سيپٽمبر(اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته اولهندي ڪناري ۾ سال 2023ع کان هن وقت تائين 6500 کان وڌيڪ فلسطيني شهري اسرائيلي آبادڪارن جي حملن ۽ پهچ تي پابندين سبب بي گهر ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه جمعي ڏينهن گڏيل قومن جي انساني معاملن جي شعبي (او سي ايڇ اي) هڪ بيان ۾ چئي. اوچا ٻڌايو ته هڪ تازي نقشي ۾ انهن آبادين جا هنڌ ڏيکاريا ويا آهن جتان ماڻهو بي گهر ٿيا، جن ۾ سال 2023ع کان هن وقت تائين آبادڪارن جا 6 هزار کان وڌيڪ حملن وارا هنڌ به شامل آهن. انهن حملن جي نتيجي ۾ فلسطينين جي جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان ٿيو. اداري جو چوڻ آهي ته 49 آباديون مڪمل طور ۽ 83 آباديون جزوي طور بي گهر ٿيون، ان کان علاوه اٽڪل 88 هزار وڻن ۽ ٻوٽن، جيڪي ڪيترن ئي ماڻهن جي معاش جو اهم ذريعو آهن ۽ 3 هزار 100 گاڏين کي به نقصان پهتو. اوچا چيو ته والاريل فلسطيني علائقي جي سمورن فلسطينين کي تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ کين پنهنجن گهرن، زيتون جي باغن، ڪم جي جاين، اسڪولن ۽ بنيادي خدمتن تائين محفوظ ۽ باوقار انداز ۾ پهچ حاصل هجڻ گهرجي. اداري زور ڀريو ته حملن جي ذميوار ماڻهن کي جوابده ڪيو وڃي.

مزید خبریں