ناگويا- 25 سيپٽمبر (اي پي پي)جاپان جي شهر ايچي ناگويا ۾ جاري ايشين گيمز دوران جمعي ڏينهن مڊ آٽم فيسٽيول جي موقعي تي چين جي ڪينوئسٽس شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪينواسپرنٽ جي ٽنهي مقابلن ۾ سون جا ٻلا حاصل ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق عورتن جي ڪائيڪ فور 500 ميٽر فائنل ۾ يوشيمينگ، اين مينڊائي، وانگ نان ۽ شين ۽ شين سييو تي ٻڌل چين جي ٽيم 1:33.784 جي …
ايشين گيمز چين سون جا 3 تمغا کٽي ورتا

مزید خبریں
ناگويا- 25 سيپٽمبر (اي پي پي)جاپان جي شهر ايچي ناگويا ۾ جاري ايشين گيمز دوران جمعي ڏينهن مڊ آٽم فيسٽيول جي موقعي تي چين جي ڪينوئسٽس شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪينواسپرنٽ جي ٽنهي مقابلن ۾ سون جا ٻلا حاصل ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق عورتن جي ڪائيڪ فور 500 ميٽر فائنل ۾ يوشيمينگ، اين مينڊائي، وانگ نان ۽ شين ۽ شين سييو تي ٻڌل چين جي ٽيم 1:33.784 جي وقت سان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته ازبڪستان جي ٽيم ٻي نمبر تي رهي. عالمي چيمپئين ۽ هلندڙ سيزن ۾ مسلسل ڪاميابيون حاصل ڪندڙ ان چيني ٽيم لاءِ اها فتح يادگار رهي، جڏهن ته انهي ڏينهن ٽيم جي رانديگر يوانگ نان جي سالگره ۽ مڊ آٽم فيسٽول جو به ڏينهن هو. مردن جي ڪينوسنگل 500 ميٽرز جي فائنل ۾ پيرس اولپمڪ جي گولڊ مڊلسٽ جي بوين 1:47.338 جي وقت ۾ پنهنجي ازبڪستان جي مخالف کي شڪست ڏني ۽ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. اهڙي طرح عورتن جي ڪينو ڊبل 500 ميٽر فائنل ۾ سن مينگيا ۽ مايانان جي جوڙي 1:54.700 جي وقت سان سون جو ٻلو پنهنجي نالي ڪري ورتو. اها جوڙي ان کان اڳ 2018ع جي جڪارته ايشيائي راندين ۾ به ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي. رانديگرن ان فتح کي مڊ آٽم فيسٽيول جي موقعي تي پنهنجي ملڪ جي نالي وقف ڪيو ڏينهن جي چوٿين مقابلي يعني مردن جي ڪاياڪ ڊبل 500 ميٽر ۾ ڏکڻ ڪوريا 1:31.859 جي وقت سان جاپان کي هارائي ڪري گولڊ ميڊل کٽي ورتو.











