گڏيل قومون- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي، ڪاروباري ۽ پروفيشنلز ماڻهو پاڪستان جا سفير آهن جيڪي سڄي دُنيا ۾ پنهنجي مثبت ڪردار سان ملڪ جو نالو روشن ڪن ٿا، انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيُون ٿا. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …
حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
گڏيل قومون- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي، ڪاروباري ۽ پروفيشنلز ماڻهو پاڪستان جا سفير آهن جيڪي سڄي دُنيا ۾ پنهنجي مثبت ڪردار سان ملڪ جو نالو روشن ڪن ٿا، انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيُون ٿا. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، آمريڪا ۾ رهندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، آٽو موبائيل، توانائي، اڏاوتن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري ۽ پروفيشنلز جي وفدن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم وفدن جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪاروباري ۽ پروفيشنلز پاڪستان جا سفير آهن جيڪي سڄي دُنيا ۾ پنهنجي مثبت ڪردار سان ملڪ جو نالو روشن ڪن ٿا. حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. ايف بي آر ۾ سڌارن سان ڪاروباري برادري جي مسئلن کي حل ڪيو ويو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي زرعي شعبي جي ترقي لاءِ شعبي ۾ جدت کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڪاروباري شخصيتن جي وفدن وزيراعظم جي قيادت ۾ زراعت، صنعت، روانگي واپار، خاص طور تي ايف بي آر ۾ سڌارن جي واکاڻ ڪئي. ملاقاتن ۾ وزيراعظم جو يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، خاص مددگار بلال بن ثاقب، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو عاصم افتخار، آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير رضوان احمد شيخ، وزيراعظم جو پرڏيهي ميڊيا بابت ترجمان مشرف زيدي، اوورسيز فائونڊيشن جو چيئرمين سيد قمر رضا، اوورسيز فائونڊيشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر افضل ڀٽي ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجُود هُئا.












