گڏيل قومون- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڀيرو وري ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ چيو آهي ته اسلام آباد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن جي اميد ناهي ڇڏي. وزيراعظم گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت …
پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسلام آباد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن جي اميد ناهي ڇڏي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
گڏيل قومون- 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڀيرو وري ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ چيو آهي ته اسلام آباد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن جي اميد ناهي ڇڏي. وزيراعظم گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحن جو حوالو ڏنو، جنهن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان پڻ صحيحُون ڪيُون هُيُون. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ سچي ۽ ايماندار ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مفاهمتي يادداشت تي ٽنهي اڳواڻن صحيحُون ڪيُون هُيُون. وزيراعظم تسليم ڪيو ته معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي غير متوقع رخ اختيار ڪيو، تنهن هُوندي به هن ان ڳالهه کي ٻيهر ورجايو ته پاڪستان ان معاملي تي پُورو ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو مڪمل طور تي ان معاملي تي پُورو ڌيان آهي. اسان اميد ناهي ڇڏي. اسان مڪمل طور تي پرعزم آهيون ته صورتحال ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪوششُون ڪنداسين ۽ اڳڀرائي حاصل ڪنداسين. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ ٻي ملاقات جي منصوبابندي جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطي جو عمل جاري آهي، جڏهن ته خطي ۾ امن حاصل ڪرڻ لاءِ دوست ۽ ڀائر ملڪ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.












