پشاور - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪوبه مسلم ليگ (ن) کي خيبرپختونخواهه خاص طور تي پشاور ۾ لاوارث نه سمجهي، سياست جو مطلب عوام جي وچ ۾ موجود رهڻ ۽ انهن جي مسئلن کي سمجهڻ آهي، مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي خيبرپختونخواهه جي تعمير ۽ ترقي جي روايت کي وزيراعظم محمد شهباز شريف …
ڪوبه مسلم ليگ (ن) کي خيبرپختونخواهه خاص طور تي پشاور ۾ لاوارث نه سمجهي: عطاءُ الله تارڙ
پشاور – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪوبه مسلم ليگ (ن) کي خيبرپختونخواهه خاص طور تي پشاور ۾ لاوارث نه سمجهي، سياست جو مطلب عوام جي وچ ۾ موجود رهڻ ۽ انهن جي مسئلن کي سمجهڻ آهي، مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي خيبرپختونخواهه جي تعمير ۽ ترقي جي روايت کي وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳتي وڌائي رهيو آهي، هڪ طرف خيبرپختونخواهه حڪومت اسلام آباد طرف چڙهائي ۽ تباهي ۽ بربادي جي سياست ڪري رهي آهي جڏهن ته ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) ريڊيو پاڪستان کي بحال، ڪارڪنن سدان رابطي ۽ صوبي ۾ مثبت سياست کي فروغ ڏئي رهي آهي، مسلم ليگ (ن) ٽڪ ٽاڪ ۽ سوشل ميڊيا جي سياست بدران عوام جي وچ ۾ رهي مثبت سياست ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي اسيمبلي ميمبر جلال خان جي آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو اڳوڻو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا، وزيراعظم جو اطلاعات ۽ خيبرپختونخواهه بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان، صوبائي اسيمبلي ميمبر جلال خان، صوبائي اسيمبلي ميمبر طارق خان، بلال خان، علي خادم يوسفزئي ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه کي غيرتمند ۽ بهادر عوام جي سرزمين جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو جنهن تي اسان کي فخر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف سدائين خيبرپختونخواهه جي تعمير ۽ ترقي جي حوالي سان روايتون قائم ڪيون آهن. لاهور، اسلام آباد موٽروي ٺهي آهي ته اهڙي طرح اسلام آباد پشاور موٽروي به مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ تعمير ٿي. ٻين صوبن ۾ اسپتالون، ڪاليجز، يونيورسٽيون ۽ بجلي جا منصوبا مڪمل ڪيا ويا ته خيبرپختونخواهه ۾ به اهڙا ئي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا. هن چيو ته ميان نواز شريف جي روايت کي وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳتي وڌائي رهيو آهي، صوبي جي عوام جي ترقي جي لاءِ تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پنجاب ۾ قائم ڪيل دانش اسڪولن جي طرز تي هاڻي خيبرپختونخواهه ۾ به دانش اسڪول قائم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ماڻهن ۾ ڪوڙ ڦهلايو، ذهن سازي ڪئي ۽ انهن کي هڪ ڪڙي بيانيي جي پٺيان لڳايو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جلال خان جي سياسي جلال کان خوفزده آهي. جلال خان جڏهن اسيمبلي ۾ جلال سان اچي ٿو ته سندس انداز نمايان هوندو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ (ن) گذريل ساڍا 14 سالن کان اپوزيشن ۾ آهي ان جي باوجود اسان همت ناهي هاري. مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي همت، حوصلي ۽ جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا. مسلم ليگ (ن) جي قيادت قيد ۽ مصيبتون برداشت ڪيون جڏهن ته همت ۽ حوصلي سان الله تعالى جي فضل سان سدائين سربلند رکيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت خيبرپختونخواهه جي عوام کي انهن جو حق ڏيڻ ۽ گهربل ترقياتي ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. صوبي ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دورن ۾ ٿي. پي ٽي آءِ جي لاءِ صوبي ۾ ترقياتي قدم کڻن ممڪن نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي تنظيمي آفيس جو قيام ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته پارٽي اپوزيشن ۾ رهندي به سياسي ۽ تنظيمي سرگرميون جاري رکيون آهن. پارٽي آفيسون آباد ٿينديون ته سياسي سرگرمين کي هٿي ملندي، عوام پنهنجا مسئلا بيان ڪري سگهندي ۽ ڪارڪنن کي هڪ پليٽ فارم ملندو جنهن سان خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ (ن) جون سياسي سرگرميون وڌيڪ اڳتي وڌنديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پنهنجي خيبرپختونخواهه جي دوري جي حوالي سان بريف ڪيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي خوش آهي ته هڪ طرف خيبرپختونخواهه حڪومت پاران اسلام اباد طرف چڙهائي ۽ تباهي ۽ بربادي جون ڪوششون ٿي رهيون آهن جڏهن ته ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) ريڊيو پاڪستان جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي ڪوهاٽ ۾ ڪارڪنن ۽ ساٿين سان ملاقاتون ڪيون، اڪوڙه خٽڪ جو دورو ڪيو. هن چيو ته جڏهن به مسلم ليگ (ن) کي خيبرپختونخواهه ۾ خدمت جو موقعو مليو، صوبي ۾ نوجوانن جي لاءِ راندين جا ميدان ٺاهيا ويندا، نوجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويندا، تعمير ۽ ترقي جو عمل اڳتي وڌايو ويندو، اسڪول، ڪاليجز، اسپتالون ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ گذريل 14 سالن دوران خيبرپختونخواهه کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جون حڪومتون صوبي ۾ خاطرخواهه ترقياتي ڪم نه ڪري سگهوين. ڪوهاٽ ۽ هنگو ۾ صورتحال خراب آهي جڏهن ته صوبائي حڪومت جا ذميوار سوشل ميڊيا تي ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ ۾ مصروف آهن. مسلم ليگ (ن) ٽڪ ٽاڪ جي سياست بدران عوام جي وچ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني، مون پريس ڪلب جو دورو ڪيو، صحافين سان ملاقاتون ڪيون. اسان سدائين عوام جي وچ ۾ موجود رهياسين، شهيدن جي گهرن ۾ وياسين ۽ زخمين سان ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته سياست جو مطلب عوام جي وچ ۾ رهڻ ۽ انهن جي مسئلن کي سمجهڻ آهي، رڳو سوشل ميڊيا تي سرگرميون ڏيکارڻ سياست نه آهي. مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه ۾ منفي يا صرف سوشل ميڊيا جي سياست نه ڪئي پر پنهنجي ماڻهن، ڀائرن ۽ ساٿين جي وچ ۾ موجود رهي انهن جي قربانين ۽ مشڪلاتن جو ادراڪ ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪير مسلم ليگ (ن) کي خيبرپختونخواهه خاص طور تي پشاور ۾ لاوارث نه سمجهي، مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ عوام سان گڏ بيٺل آهن، سياست ڪرڻي آهي ته سياسي ميدان ۾ ڪئي وڃي ۽ مقابلو ڪيو وڃي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پشاور جي عوام کي ٻڌايو وڃي ته گذريل ساڍا 14 سالن دوران صوبي جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا. پي ٽي آءِ جن معاملن تي ماضي ۾ تنقيد ڪئي بعد ۾ انهن ئي معاملن تي انهن کي يوٽرن وٺڻو پيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳتي به خيبرپختونخواهه ايندا رهنداسين، ڪارڪنن ۽ ساٿين سان گڏجي ويهي انهن جي مسئلن ۽ ايشوز تي ڳالهه ڪنداسين. هتي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت بابت معاملن، ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان کي به وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته انجنيئر امير مقام طبيعت خراب هجڻ سبب تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو. سندس جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ (ن) ۾ تمام گهڻي صلاحيت ۽ قوت موجود آهي، هن وقت اسٽيج تي موجود قيادت جو هر شخص سئو ماڻهن جي برابر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪارڪن پنهنجي قيادت ۽ نمائندن سان گڏ بيهن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪن.












